سموري انساني تاريخ طاقتورن جي تاريخ رهي آهي. عالمي تاريخ ۾ وڌيڪ طاقتور، گهٽ طاقتور کي شڪست ڏئي، اڳواڻيءَ واري حيثيت ماڻي ٿو. ڪجهه وقت کان پوءِ وري ان کان وڌيڪ طاقتور، ان اڳواڻ بڻيل ملڪ/ اتحاد کي شڪست ڏئي پاڻ اڳواڻ بڻجي ٿو. اهو سلسلو سموري انساني تاريخ ۾ روان دوان ڏسون ٿا، جيڪو اڄ ڏينھن تائين قائم رهندو اچي ٿو. ”جيڪو ڏاڍو، سو گابو“.
جنھن قوم/ ٽولي وٽ وڌيڪ طاقتور فوجي ٽيڪنالاجي هوندي آهي، اها پراڻي فوجي ٽيڪنالاجي رکندڙ قوم/ ٽولي کي مات ڏيندي آهي ۽ ان مٿان غالب بڻجي ويندي آهي، توڻي جو ان عمل ۾ ٻيا محرڪات ۽ عوامل به ضرور شامل هوندا آهن.
بادشاهن جي زماني ۾ دنيا ڇڙوڇڙ هئي. وچ اوڀر جي ماڻهن کي، جيڪو دنيا جي مکيه مذهبن جو هنڌ رهيو آهي، آمريڪائن جي باري ۾ خبر نه هئي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به اهو چيو ويندو آهي ته ڪولمبس، آمريڪا ڳولي لڌي. انڪا سلطنت تي يورپي سپھه سالار پزارو رڳو 168 سپاهين سان قبضو ڪيو. ڪورٽيز ڪجهه سو فوجي سپاهين سان ايزٽيڪ سلطنت تي قبضو ڪيو. فرق اهو هو ته انھن ٻنهي سلطنتن جي ماڻهن وٽ ڪاٺ جا هٿيار هئا، جڏهن ته اسپيني سپاهين وٽ لوهه جا هٿيار هئا. ڪجهه هزار سپاهين واري ايسٽ انڊيا ڪمپني، ڪروڙها آدمشماريءَ واري برصغير تي قبضو ڪيو.
سلطنتن جو دور:
دنيا جي پھرين سلطنت 2300 ق.م ۾ سارگون آف اڪاڊ (Sargon of Akkad) طرفان قائم ڪئي وئي. ان سلطنت جي قائم ٿيڻ کان 4 هزار سالن جي عرصي ۾، دنيا 200 سلطنتن جو سلسلو ڏٺو آهي، جن مان 70 وڏيون يا ديرپا هيون (ٽُه گورن دِي گلوب: الفريڊ، ڊبليو. مڪ ڪواءِ).
گذريل 500 سالن ۾ ٽي عالمي نظام بدليا آهن، جيڪي سڀ اولھه ۾ اڀريا.
ابيرين دور (Iberian Age) 1494 کان پوءِ – اسپين پورچوگال ۽ ڊچ سلطنت تي مشتمل.
برطانوي شھنشاهاڻو دور 1815 کان وٺي: ابيرين نظام کان وڌيڪ ڦھلجندڙ.
واشنگٽن عالمي نظام 1945 کان پوءِ.
ابيرين عالمي نظام:
پوپ، ائٽلانٽڪ سمنڊ جي وچان هڪ تصوراتي لڪير ڪڍي، ان جي اولھه جون سموريون زمينون اسپين جي حوالي ڪيون ۽ ان لڪير جي اوڀر واريون سموريون زمينون پورچوگال جي حوالي ڪري ڇڏيون ۽ کين اهو حق ڏنو ته انھن زمينن تي وسندڙ ماڻهن کي هو غلام بڻائن.
پوپ جي هن عمل نه رڳو يورپ کان ٻاهر هن ڌرتيءَ کي ٻن بادشاهن وچ ۾ ورهايو پر ان تاريخ جو پھريون عالمي نظام- عيسائين ۽ غير اهل ڪتاب ماڻهن (Pagans) وچ ۾ مذهبي علحدگي پئدا ڪندي قائم ڪيو.
اسپين ۽ پورچوگال يورپ کان ٻاهر جي دنيا کي هڪ ٻئي ۾ ورهائڻ لاءِ 1494 ۾ ”ٽورڊيسيلاس جو ٺاهه“ (Treaty of Tordesillas) ڪيو، جنهن تي پھچڻ لاءِ انھن وچ ۾ مھينن تائين ڳالهيون هليون.
ڊچ ماڻهن 1581 ۾ اسپين کان آزاديءَ جو اعلان ڪيو ۽ پنھنجي سلطنت قائم ڪئي، جنھن جون هيٺيون خوبيون هيون:
هنن دنيا جي پھرين وڏي ڪارپوريشن ”دِي ڊَچ ايسٽ انڊيا ڪمپني“ ٺاهي، جنھن وٽ دنيا جي واپار جو 1/3 حصو هو.
هنن دنيا جي پھرين ”اسٽاڪ ايڪسچينج“ قائم ڪئي.
ڊچ ماڻهن دنيا جي پھرين محفوظ ڪرنسي (Reserve Currency) ڊَچ گلڊر ايجاد ڪئي.
ايمسٽرڊم، دنيا جو معاشي مرڪز بڻجي ويو.
دنيا جي سمورين مکيه ايجادن جو چوٿون حصو ڊچ ماڻهن طرفان ڪيل هو. ٻيڙن کي ٺاهڻ ۾ ڊچ ماڻهن وڏي مھارت حاصل ڪئي.
ڊچ سلطنت 1780ع تائين قائم رهي، چوٿين اينگلو-ڊچ لڙائيءَ سان ان جو خاتمو آيو ۽ عظيم برطانيه جو 100 سالا عروج شروع ٿيو.
يورپ جي ٽيھه سالا جنگ ( 1648 – 1618) جي خاتمي تي نئون عالمي نظام قائم ٿيو. جنگ جي پڄاڻيءَ تي ”ويسٽ ڦيليا“ وٽ معاهدو ٿيو، جنھن کي ”ويسٽ ڦيليا جو امن“ (Peace of Westphalia) سڏيو وڃي ٿو.
هن معاهدي ملڪن کي ايجاد ڪيو، جيئن اڄ اسان انھن کي ڄاڻون ٿا. ان معاهدي ملڪن کي خودمختياري ڏني، ان اهليت سان ته اهي پنھنجن جاگرافيائي سرحدن اندر خود فيصلا (پنھنجن مذهبن، ٻولين ۽ قانون بابت) ڪري سگهن ٿا.
هن معاهدي ۾ ملڪن جي سرحدن جي عزت ڪرڻ کي به لازم قرار ڏنو ويو.
ڊچ سلطنت جي ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ، برطانيه جو عروج شروع ٿيو، جنھن جو فيصلو به چوٿين اينگلو- ڊچ لڙائي (84 – 1780) سان ٿيو، جنھن ۾ ڊچ سلطنت کي حتمي شڪست آئي ۽ برطانيه سپر پاور طور اڀريو ۽ ان جو 100 سالا عروج جو دور شروع ٿيو. نيپولين جي آخري شڪست کان پوءِ برطانيه ۽ ان جي اتحادين روس، پروشيا، آسٽريا، ڪانگريس آف ويانا ۾ نئين عالمي نظام کي پڌرو ڪيو ۽ برطانيه هن ڌرتيءَ تي سپر پاور جي حيثيت ۾ اڀري آيو ۽ ان جو 100 سالا دور (Pax Brittanica) شروع ٿيو.
پھرين عالمي جنگ (18-1914)
هيءَ جنگ کٽندڙ ملڪن – برطانيه، اٽلي، فرانس، جاپان، آمريڪا، پاڻ ۾ گڏجاڻي ڪئي ۽ پئرس امن ڪانفرنس 1919 ۾ قائم ڪئي جيڪا ڇهه مھينا جاري رهي ۽ ’ورسيليس جي ٺاهه‘ (Treaty of Versailles) تي ختم ٿي. جنگ کٽندڙ ملڪن دنيا کي نئين سر ورهائڻ شروع ڪيو. جنگ هارائيندڙ ملڪن – جرمني، آسٽريا، هنگري، سلطنتِ عثمانيه ۽ بلغاريه جي علائقن کي ورهايو ويو ۽ کٽندڙ ملڪن جي قبضي ۾ ڏنو ويو.
ٻي عالمي جنگ (45 – 1930)
کٽندڙ طاقتون: برطانيه، روس ۽ آمريڪا نئون عالمي نظام وضع ڪيو. پر ان ۾ نئين ڳالهه هيءَ ٿي ته ٻه مخالف عالمي بلاڪ، سرمائيدار ۽ سوشلسٽ پئدا ٿيا.
برطانيه کان بيٺڪيتون آزاد ٿيون ڇو ته برطانيه جنگ کٽڻ باوجود معاشي ۽ فوجي طور ڪمزور ٿي ويو.
برطانيه، آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن، يھودين جي الڳ رياست اسرائيل جي نالي ۾ فلسطين جي ڌرتيءَ تي قائم ڪئي.
روس ۾ سوشلسٽ انقلاب آيو ۽ ٻي عالمي جنگ ۾ ان جرمنيءَ کي شڪست ڏني ۽ مشرقي يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنھنجي اثر رسوخ هيٺ سوشلسٽ رياستون قائم ڪيون. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ آمريڪا اڳواڻي ڪندڙ ڪردار حاصل ڪيو ڇاڪاڻ ته ان وٽ وڌ ۾ وڌ معاشي، جِيو پوليٽيڪل ۽ فوجي طاقت هئي.
فوجي طاقت، رزرو ڪرنسي/ پئسو، تخليقڪاري، تعليم، GDP ۾ حصو، هي اهي عنصر آهن، جيڪي ڪنھن به ملڪ کي طاقتور بڻائن ٿا. (باقي سڀاڻي)