حيدرآباد(رپورٽر) ناميارن وڪيلن چيو آهي ته انساني حق قومي حقن سان جڙيل آهن، جيستائين قومن جي حقن کي تسليم ڪري جيئڻ جو حق نٿو ڏنو وڃي تيستائين انساني حق ملڻ خواب رهندو انساني حقن جي ڏهاڙي جي حوالي سان عوامي آواز سان ڳالهائيندي نامياري وڪيل يوسف لغاري چيو ته جتي قانون تي عمل نه ٿيندو اتي انساني حقن جي لتاڙ ٿيندي آهي، ان ڪري قانون تي عملدرآمد ضروري آهي. هن چيو ته حق رڳو فردن جا ناهن هوندا قومن جا به حق آهن. قومن کي سندن حق نه ڏيڻ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي. سنڌ جي ماڻهن جي جياپي سنڌو درياهه کي سڪائڻ جي لاءِ 6 ڪئنال ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اها به انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ ڏوهه آهي. هن چيو ته هتي بنيادي انساني حق ئي معطل ٿيل آهن. تعليم، صحت ۽ روزگار به بنيادي حق آهن، پر عوام کي نٿا ملن. هن چيو ته رواداري جي ڳالهه ڪرڻ تي ماڻهن کي تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. ڪوڙن پوليس مقابلن ۾ معصوم ماڻهن کي ماريو ٿو وڃي. ڊي آئي جي رينڪ جو آفيسر ڪوڙا مقابلا ڪرائي بيگناهه ماڻهو ٿو مارائي. ماڻهن کي مارڻ ۽ جڏو ڪرڻ جي لاءِ هاف فراءِ ۽ فل فراءِ جهڙا اصطلاح استعمال ٿي رهيا آهن. ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي جن جي ڪا خبر ناهي هوندي ته اهي ڪٿي آهن. هن چيو ته بنيادي آئيني حقن ۽ انساني حقن جي حاصلات جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي.. هن چيو ته 18 هين ترميم ۾ عدالتي سڌارن ۽ ججن جي مقرري جي لاءِ رولس ٺاهڻ جي ڳالهه ٿيل هئي. ان ڪري ميرٽ تي برابري جي بنياد تي جج هوندا ته انصاف ٿيندو، نامياري وڪيل سجاد احمد چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ گذريل 16 سالن کان عوام جا بنيادي آئيني حق معطل ٿيل آهن. سنڌ ۾ اڻ اعلانيل ايمرجنسي لاڳو ٿيل آهي. جنهن جو مثال ناظم جوکيو، صحافي نصرالله گڏاڻي، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو قتل آهي. اهڙي طرح سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي معصوم ٻارڙا، عورتون ۽ نوجوان ڏوهارين، وڏيرن، سردارن ۽ پوليس سميت ٻين ڏاڍن جي هٿان ماريا ويا آهن. هن چيو ته هاڻ تازو 26 هين آئيني ترميم کانپوءِ سڄي پاڪستان ۾ ته صورتحال خراب ٿيندي پر سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ حالتون خراب ٿينديون. ملڪ ۾ سڀ کان پهرين آئيني بينچ به سنڌ ۾ جڙي آهي. عدالتن جا اختيار به حڪومت وٽ اچي ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت پنهنجي خلاف ڪيئن ڪيس هلڻ ڏيندي. هن چيو ته قومي حقن جي ڳالهه ڪرڻ هتي ڏوهه آهي، سنڌ جي سخت احتجاج باوجود سنڌو درياهه مٿان نوان ڪئنال ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي وسيلن، زمين ۽ سمنڊ تي سنڌ جو حق تسليم نٿو ڪيو وڃي. نامياري وڪيل شبير شر چيو ته اڄ انساني حقن جي ڳالهه پئي ٿئي پر هن ملڪ اندر ته عدالتي نظام ئي نه رهيو آهي، هاڻ عدالتن ۾ بينچز وڏيرا ۽ سردار مقرر ڪندا. پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي حڪومت آئين جي آرٽيڪل 9 ۽ 10 کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ پوليس کي يا ٻي ڪنهن اداري کي ڪا به روڪ ٽوڪ نه هوندي هو جنهن جي به گهر ۾ داخل ٿي وڃن ۽ ڪنهن کي کڻي وڃن ڪير پڇڻ وارو نه هوندو. هن چيو ته انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جي صورتحال اها وڃي پهتي آهي ته جيڪو به شهري پنهنجو دفاع ڪرڻ جي سگهه رکندو اهو ئي جيئڻ جو حقدار هوندو. موجوده حالتن ۾ انسان جي ڪا اهميت ئي ناهي رهي. نامياري وڪيل مير مڱريو چيو ته هن ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾ انساني حقن جي حالت انتهائي گهڻي خراب آهي، انساني حق قومي حقن سان جڙيل آهن ۽ قومون پنهنجن حقن کان محروم آهن. هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ عدالتون گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن تان پوئتي هٽندي نظر اچن پيون، عدالت کان مٿاهن قتلن کي عام ڪيو ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ قانون، ٿاڻن، جيل ۽ عدالتن جي اهميت ئي ناهي رهي. ان جي نتيجي ۾ ننڍو ڏوهاري وڏو خطرناڪ ڏوهاري بڻجي ويندو، پرامن سياسي ڪارڪن ڏاڍ، جبر، ظلم ۽ تشدد جي ڪري وري ٻيو رخ اختيار ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته سياسي اقتداري ڌرين 26 هين آئيني ترميم ڪري اهڙو ڪم ڪري ڇڏيو آهي جو عدالتن مان عام ماڻهن کي انصاف جي ٿوري گهڻي جيڪا اميد هئي اها به ختم ٿي وئي آهي، عدالتن ۾ ججن جون مقرريون ۽ بديلون حڪمرانن پنهنجي هٿ ۾ کڻي ورتيون آهن. هن چيو ته درياهه سنڌ جي ماڻهن جو جياپو ۽ معاشي وسيلو آهي، پر درياهه کسي هو سنڌ جي ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسي رهيا آهن، وڏيرا ۽ سردار سنڌو درياهه جي پاڻي تي سنڌ جي حق تي ڳالهائڻ جي لاءِ تيار ناهن. اڳ ۾ ئي ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ آهي، سول نافرماني جا اعلان پيا ٿين. سول سپرميسي ۽ جمهوريت ته هتي ڪڏهن رهي ناهي. وڪيل ڪائنات ڏاهري چيو ته پاڪستان ۾ قومن جي حقن کي تسليم ڪرڻ کانسواءِ انساني حق ملڻ ممڪن ناهن، سنڌ جي ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسيو ويو آهي. سنڌي قوم جي وسيلن، ناڻي، پاڻي، زمين، سمنڊ ۽ درياهه تي قبضو ڪيو ويو آهي، اهو عمل بنيادي انساني حقن ۽ عالمي انساني اصولن جي خلاف ورزي آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي ذريعي مقامي هارين کان زمين کسي پئي وڃي، انسان بيدخل ٿين پيا، سنڌو درياهه سنڌ جي ماڻهن جو جياپو آهي، پر درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍي سنڌ جي ماڻهن کي مارڻ ۽ سنڌ کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. پاڻيءَ تي پهريون حق سنڌ جو آهي ۽ سنڌ جي اجازت کانسواءِ ڪو به پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به نٿو کڻي سگهي. هن چيو ته هن ملڪ اندر پاڻ کي محب وطن ثابت ڪرڻ جي لاءِ پنهنجن سمورن انساني ۽ قومي حقن تان هٿ کڻڻو پوندو. هن چيو ته سنڌ اقوام متحده جي چارٽر تحت پنهنجن بنيادي قومي ۽ انساني حقن جي ڳالهه ڪري ٿي، جنهن تي هي رياست پاڻ اقوام متحده ۾ راضپو ڏيکاري صحيحيون ڪري آئي آهي.