اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) قومي اسيمبلي جي گهرو بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن وفاقي جاچ اداري جي آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايف آءِ اي ڏوهن جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين خرم نواز جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي غور ڪيو ويو، جنهن دوران ڪميٽي جي چيئرمين ۽ ميمبر ايف آءِ اي عملدارن تي سخت ڪاوڙجي پيا. ڪميٽي چيئرمين خرم نواز چيو ته ايف آءِ اي ڏوهن جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي، ڇا گهرو ڪميٽي کي اختيار آهي ته هو ايف آءِ اي کان ڏوهن جو حساب وٺي؟ وڃي ڊي جي ايف آءِ اي کي چئو ته اهو ڪم نه هلندو . ميمبر گهرو ڪميٽي چوڌري نصير چيو ته منهنجي ضلعي مان هڪ شخص ڏيڍ سال کان لاپتا آهي، 2 ڪروڙ رپيا گهريا پيا وڃن، مطالبو ڪندڙ ايران ۾ ويٺا آهن، ڇا توهان اي سان رابطو ڪري سگهو ٿا؟ مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ملڪ ۾ ايف آءِ اي جو ڪم ڇا آهي . اسيمبلي ميمبر نبيل گبول چيو ته بيوروڪريسي آڏو رابطا ڪميٽي جي ڪا به اهميت ناهي.چيئرمين خرم نواز چيو ته ايف آءِ اي جي ڊي جي يا ڊائريڪٽر جو ذاتي ڪيس هجي ته هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ٿيڻ باوجود ٻيو ڪيس ٺاهيندا آهن.بعد ۾ ڪميٽي 14 مهينن کان گم ٿيل گجرات جي شهري کي بازياب ڪرائي هڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.