لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني بابت بيڪ ڊور ڳالهين ۾ اڳڀرائي بعد معاملا طئي ٿيڻ جي ويجهو پهچي ويا.
ذريعن موجب، چيمپيئنز ٽرافي بابت معاملا طئي ٿيڻ جو ويجهو پهچي ويا آهن، آءِ سي سي طرفان تمام جلد ٽورنامينٽ جو شيڊيول جاري ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي واري معاملي تي ٻيا اسٽيڪ هولڊرز به سرگرم آهن، پردي پٺيان ڳالهين سبب معاملا هاڪاري رخ ۾ اڳتي وڌڻ لڳا آهن.
واضح رهي ته ان کان اڳ خبرون سامهون آيون هيون ته ڀارت طرفان پاڪستاني مطالبن تي آءِ سي سي کي جواب نه ملڻ سبب اڄ رٿيل آءِ سي سي جو اهم اجلاس هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ٿي ويو آهي.
ياد رهي ته پي سي بي طرفان تجويز ڪيل شيڊيول موجب، چيمپيئنز ٽرافي 19 فيبروري کان شروع ٿيندي، پر ڀارت پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪلڻ کان انڪار ڪيو جنهن سبب ٽورنامينٽ جي ميزباني، شيڊيول ۽ وينيو بابت اڃا تائين ڪو به حتمي فيصلو نه سگهيو آهي.
You might also like