راڻا ثناءُ الله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري، گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا جي مقامي عدالت وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
جڊيشل مئجسٽريٽ سدره گل نواز راڻا ثناءُ الله جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس گرفتار ڪري 12 ڊسمبر تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
واضح رهي ته راڻا ثناءُ الله خلاف سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي ۾ داخل ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، ڪيس 16 آڪٽوبر 2020ع تي گوجرانوالا ۾ پي ڊي ايم جي جلسي واري ڏينهن داخل ڪيو ويو هو.
پوليس راڻا ثناءُ الله بابت ڪيس جو چالان دير سان جمع ڪرايو هو، پوليس اڳوڻي وفاقي وزير کي بي ڏوهه قرار ڏيندي 173 جي رپوورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي هئي.
عدالت پوليس رپورٽ رد ڪندي راڻا ثناءُ الله کي طلب ڪيو هو، طلب ڪرڻ باوجود مسلسل غير حاضري تي عدالت سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.