” ڪاڏي ڪونه ڀڄنداسين“ جسٽس منصور استعيفيٰ جون خبرون رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه عهدي تان استعيفي ڏيڻ واريون خبرون رد ڪري ڇڏيو.
ٻارن جي انصاف بابت تقريب کي خطاب بعد جسٽس منصور علي شاهه صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي مستفعيٰ ٿيڻ وارين خبرن جي ترديد ڪئي.
صحافي سوال ڪيو ته ڇا اوهان جي استعيفيٰ بابت افواهه درست آهن؟ جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه جواب ڏنو ته خبر ناهي اوهان کي اِها ڳڻتي ڇو ورائي وئي آهي، سڀ افواهه آهن، ڪاڏي ڪونه ڀڄنداسين.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هو جيڪو ڪم ڪري سگهو اُهو جاري رکندو، هٿ ۾ نظام کي جيترو بهتر ڪرڻ جو اختيار آهي اُهو استعمال ڪنداسين.
ان کان اڳ ٻارن جي انصاف بابت تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ٻارن جي حقن جو عدليا کي عدليا کي احساس آهي، ٻار نه رڳو اسان جو مستقبل آهن پر اسان جو حال پڻ آهن.
جسٽس منصور چيو ته هو ماتحت عدليا جي ججن کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ٻارن لاءِ انصاف ڪيترو اهم آهي، عوامي مفاد وارن ڪيسن سان گهڻي بهتري ايندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.