پشاور گورنر هائوس ۾ اي پي سي، حڪومت بدامني جي ذميوار قرار

پشاور(م ڊ) پشاور ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي صدارت هيٺ ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي)  جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي، آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ خيبرپختونخواهه جي مالي ۽ سياسي مفادن لاءِ سياسي ۽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڪميٽي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي، بيان ۾ چيو ويو ته مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتون خيبرپختونخواهه ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيون آهن، ڪرم ويڙهه ۾ 200 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون، جڏهن ته گذريل مهيني 70 کان وڌيڪ سڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا، پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته 11هين اين ايف سي ايوارڊ ۽ ضم ٿيل ضلعن لاءِ رکيل 3 سيڪڙو رقم فوري طور تي جاري ڪئي وڃي، اي پي سي ٻين صوبن ۽ راڄڌاني اسلام آباد ۾ پرامن پشتونن کي هراسان نه ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو، ٻي پاسي خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر ڊاڪٽر سيف گورنر هائوس ۾ ٿيل اي پي سي کي صوبي جي رد ٿيل گروپن جو اجلاس قرار ڏيندي چيو ته اي پي سي رڳو سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۽ پي ٽي آءِ خلاف بيانيه ٺاهڻ لاءِ ناڪام ڪوشش آهي، اي پي سي سڏائڻ گورنر جو مينڊيٽ ناهي، ٻي طرف گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪري اي پي سي بابت بريفنگ ڏني، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پشاور ۾ تاريخي آل پارٽيز ڪانفرنس اهم قدم آهي، خيبرپختونخواهه جي وسيلن ۽ صوبي ۾ امن جي قيام لاءِ اوهان سان گڏ آهيان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.