ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ حقيقتن کي ٽوڙڻ مروڙن ۽ عوام کي گمراھھ ڪرڻ جماعت اسلامي جي تاريخ رھي آھي، نئين ڀرتي پاليسي اسٽاپ گيپ تي ٻڌل قدم آھي، ان جو مقصد شفافيت کي ھٿي وٺرائڻ آھي، بي بنياد الزامن جو مقصد اجتماعي ترقي لاءِ سنڌ سرڪار جي ڪوششن جي راھھ ۾ رنڊڪون وجھڻ آھي، هن چيو ته تعليمي ادارن، خاص طور تي يونيورسٽين ۾ فيسن جو تعين بنيادي ڍانچي، سھولتن ۽ آپريشنل خرچن جي بنياد تي ڪيو ويندو آھي، سنڌ سرڪار، تعليم کي سستي ۽ مساوي بڻائڻ لاءِ سڌارن تي ڪم ڪري رھي آھي ڪراچي يونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ سسٽم جو زوال وراثت ۾ مليل مسئلو آھي، سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ جي نظام جي بحالي ۽ اُن کي جديد بڻائڻ لاءِ يونيورسٽي انتظاميھ ۽ سمورين لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ڪم ڪري رھي آھي.