جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ عمران سميت 60 جوابدارن تي تهمت، عمر ايوب ۽ بشارت گرفتار

راولپنڊي(م ڊ) اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ 9 مئي 2023 تي جنرل هيڊ ڪوارٽر(جي ايڇ ڪيو) گيٽ حملي ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني  ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سميت 60 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو  ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب فرد جرم لاڳو ٿيڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب خان ۽ اڳوڻي صوبائي قانون واري وزير راجا بشارت کي اڊيالا جيل جي ٻاهران گرفتار ڪيو ويو آهي. راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج امجد علي شاهه جي ايڇ ڪيو گيٽ  حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان، اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب، سربراهه عوامي مسلم ليگ شيخ رشيد، راجا بشارت، اشد شفيق ۽ زرتاج گل وزير سميت 60 جوابدارن جي خلاف فرد جرم لاڳو ڪئي وئي. دهشتگردي جي انت واري عدالت طرفان فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان پوءِ جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ اڊيالا جيل مان ٻاهر نڪرڻ تي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب خان ۽ پنجاب جي اڳوڻي صوبائي قانون واري وزير راجا بشارت کي  گرفتار ڪيو ويو. فرد جرم لاڳو ڪرڻ وقت پي ٽي آءِ باني، شيخ رشيد، صداقت عباسي، عمر ايوب، زرتاج گل، شيخ راشد شفيق، واثق قيوم عباسي، ملڪ احمد چٺه، راجا بشارت، عثمان ڊار، اشرف خان سوهنا سميت ٻيا عدالت ۾ موجود هئا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.