”مدرسن جي رجسٽريشن صوبائي معاملو آهي“ صدر اعتراض لڳائي بل واپس ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ/ع آ نيوز) صدر آصف علي زرداري مدرسن جي رجسٽريشن جو بل اعتراض لڳائي واپس اماڻي ڇڏيو. قومي اسيمبلي جي ذريعن موجب مدرسن جي رجسٽريشن وارو بل صدر آصف علي زرداري  گذريل ڏينهن اعتراض  لڳائي واپس اماڻي ڇڏيو آهي. صدر طرفان بل واپس اماڻڻ کان پوءِ حڪومت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ تي غور ڪري رهي آهي جيڪو ايندڙ هفتي گهرائڻ جو امڪان آهي جڏهن ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ مدرسن جي رجسٽريشن جو بل پيش ڪرڻ جو به امڪان آهي. رپورٽ ۾ ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته مدرسا صوبن جي تعليم واري وزارت جي ماتحت آهن، انهن جي رجسٽريشن صوبائي معاملو آهي، اسلام آباد ۾ به مدرسن جي رجسٽريشن لاءِ پهريان ئي ٻه قانون آهن. ذريعن موجب نئين مدرسي جي رجسٽريشن بل ۾ ڪٿي به اهو ناهي لکيل ته اهو بل اسلام آباد ۾ موجود قانونن مٿان لاڳو ٿيندو، جڏهن ته صدر مدرسي جي رجسٽريشن بل واپس موڪلي ڇڏيو ۽ هاڻي بلاول ڀٽو جي خواهش باوجود ان تي صحيح نه ٿي سگهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهو بل مدرسن جي اڪائونٽس ۾ سهولت ۽ انهن جي رجسٽريشن سان لاڳاپيل آهي، ڇاڪاڻ ته اهو صوبائي معاملو آهي، سمورن صوبن کي اهو بل پاس ڪرڻو پوندو.  ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان ملاقات ۾ مدرسن جي رجسٽريشن واري بل تي صدر جي صحيح نه ڪرڻ تي خدشن جو اظهار  ڪيو هو. حڪومتي ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان آئنده ڪوبه تعاون مدرسن جي رجسٽريشن واري بل جي منظوري سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.