ڪراچي (رپورٽر) چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ جي فيصلي باوجود عدالت ۾ ريگيولر ۽ آئيني بينچن بابت تڪرار حل نه ٿي سگهيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي دوران جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو ته جيڪي ڪيس ريگيولر بينچ جي اختيارن جي دائري ۾ نٿا اچن اهي اسان نه ٻڌنداسين ۽ جيڪي ڪيس آئيني بينچ لاءِ آهن اهي ڪيس اها ئي بينچ ٻڌندي. ان تي وڪيلن چيو ته چيف جسٽس محمد شفيع صديقي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪيسن جي ٻڌڻي جي اختيار جو دائرو واضح ڪري چڪي آهي جن ڪيسن ۾ ريگيولر بينچ فيصلو ڏئي چڪي آهي عملدرآمد نه ٿيڻ تي توهينِ عدالت جي ڪارروائي جو اختيار به ان ئي بينچ کي آهي. ان تي جسٽس ظفر راجپوت چيو ته کڻي توهينِ عدالت جو ڪيس ئي ڇو نه هجي، جيڪي ڪيس آئيني بينچ لاءِ فائنل ڪريون ٿا اتي ئي ويندا. تنهن کانپوءِ عدالت وڌيڪ ڪيس ٻڌڻي لاءِ آئيني بينچ کي اماڻي ڇڏيا. آئيني بينچن جي حوالي ڪيل ڪيسن ۾ غير قانوني اڏاوتون، زمينن تي قبضا، سول ۽ فوجداري ڪيس شامل آهن.