آئيني بئنچ جسٽس منصور شاهه خلاف توهين عدالت ڪيس اڪلائي ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ) جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 6 رڪني آئيني بينچ جسٽس منصور علي شاهه خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته جسٽس منصور علي شاهه کي وفاقي محتسب طرفان توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو ويو، جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج هو، وفاقي محتسب به پنهنجي  متفرق درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي، بعد ۾ آئيني جسٽس منصور علي شاهه خلاف توهين عدالت ڪيس اڪلائي ڇڏيو.

  • اسٽيلشمينٽ ۽ حڪومت جي عوام سان دشمني آهي: عارف علوي

ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي صدر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عارف علوي چيو ته رياست ۽ حڪومت جي عوام سان دشمني آهي، حڪومت جهڙي ريت ڪيس ٺاهي رهي آهي، ڪا خبر نٿي پوي ته ڪٿي ڪٿي ڪيس ڪيل آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جيتريون قربانيون ڏنيون آهن ڪنهن ناهن ڏنيون، ڊڄي ڪير رهيو آهي؟ ڪنهن کي اچڻ ئي نه ڏنو ويو، ماڻهن کي گوليون هنيون ويون، اسان جي ماڻهن کي شهيد ڪيو  ويو. سوال انهن کان ڪريو اسان کان ڇو ٿا ڪريو؟ ماڻهن کي شهيد ڪرڻ جي اجازت ڪنهن ڏني. هي ملڪ اسان جو آهي. ان کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر عارف علوي کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته عارف علوي کي داخل ڪنهن ڪيس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تائين گرفتار نه ڪيو وڃي، اڄ کانپوءِ ڪا ايف آءِ آر ٿي ته ان بابت اسان ڪجهه نه ڪري سگهنداسين. عدالت درخواست تي صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کان 12 ڊسمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.