26هين آئيني ترميم خلاف فيصلي تائين جڊيشل ڪميشن اجلاس ملتوي ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي کي خط لکي 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن تي فيصلو اچڻ تائين جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي، خط ۾ هن 26هين ترميم خلاف درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست  ڪئي ۽ چيو ته سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، جسٽس منصور چيو ته جڊيشل ڪميشن کي 26هين آئيني ترميم تحت ٻيهر جوڙيو ويو، ان ترميم خلاف 2 درجن کان وڌيڪ درخواستون التوا ۾ آهن، جيڪي رد به ٿي سگهن ٿيون ۽ منظور به، جيڪڏهن درخواست منظور ٿي وڃي ٿي ته جڊيشل ڪميشن جي فيصلن جي اهميت ختم ٿي ويندي ۽ اهڙي صورتحال اداري ۽ ميمبرن لاءِ شرمندگي جو سبب بڻجندي، تنهنڪري 6 ڊسمبر تي جوڊيشل ڪميشن جو گهرايل اجلاس ملتوي ڪيو وڃي، خط ۾ جسٽس منصور چيو ته 26هين ترميم خلاف داخل درخواستن تي فيصلو ڪندي جڊيشل ڪميشن جي قانوني حيثيت جو هميشه لاءِ فيصلو ڪري سگهجي ٿو ، مون ۽ جسٽس منيب اختر 31 آڪٽوبر جي اجلاس ۾ 26 هين ترميم خلاف درخواستن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ان فيصلي باوجود رجسٽرار طرفان اهي درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪيون ويون، سينيئر جج لکيو ته 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن جو فيصلو ڪرڻ تمام ضروري ۽ وڏي اهميت وارو آهي، آرٽيڪل 191 اي تحت سپريم ڪورٽ جي ريگيولر بينچ آئيني درخواستن جي ٻڌڻي نه ٿي ڪري سگهي، جڏهن ته آرٽيڪل 191 اي سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ بئنچ کي آئيني درخواستون ٻڌڻ کان نه ٿو روڪي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.