ڪراچي (رپورٽر) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني مطالبو ڪيو ته سنڌ يونيورسٽيز اينڊ انسٽيٽيوٽس لاز ايڪٽ 2018ع ۾ ترميم جو سنڌ ڪابينا فيصلو واپس ورتو وڃي. سنڌ اسيمبلي کي ترميم منظور نه ڪرڻ گهرجي. پنهنجي بيان ۾ رضا رباني چيو ته وائيس چانسلر لاءِ پي ايڇ ڊي جي ڊگري رکندڙ تعليمدان هجڻ جو شرط ختم ڪيو پيو وڃي. 21 گريڊ يا ان کان مٿي جي سرڪاري آفيسر کي 4 سالن جو تجربو، لاڳاپيل ماسٽرز جي ڊگري رکندڙ کي جنرل يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي. رضا رباني چيو ته استعمال ڪيل اصطلاح ايتري منجهيل آهي جو ڪو به بيوروڪريٽ ان تي پورو لهي سگهي ٿو. اهو قدم بيوروڪريٽن کي وائيس چانسلر بڻجڻ لاءِ رستا کوليندو جنهن جي مذمت ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته وائيس چانسلر يونيورسٽي جا نه رڳو ايڊمنسٽريٽر پر تعليمي اڳواڻ به هوندا آهن. هي هڪ پوئتي پيل قدم آهي، ان سان تعليم جي معيار تي سخت اثر پوندا. ان قدم سان يونيورسٽين ۾ تعليمي آزادي به متاثر ٿيندي.