لياري گينگ وار جي مُک ڪردار عزير بلوچ جي عدالت کان انوکي فرمائش

ڪراچي( ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ لياري آپريشن دوران پوليس تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران لياري گينگ وار جي مُک ڪردار عزير بلوچ عدالت کان انوکي فرمائش ڪري ڇڏي.
عزير بلوچ پنهنجي وڪيل فاروق حيدر جتوئيءَ جي ذريعي جيل ۾ سهولتون جي اڻاٺ تي لکت ۾ درخواست داخل ڪئي.
داخل درخواست ۾ عزير بلوچ چيو ته سب جيل ۾ وٽس ٽيليويزن موجود آهي پر ڪيبل فراهم ناهي ڪئي وئي، هن جج کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جيل ۾ پاڻ اچي ڏسي وڃو ته مٿس ڪيڏو ظلم ٿي رهيو آهي.
عزير بلوچ درخواست ۾ چيو ته کيس جمعي جي نماز مسجد ۾ پڙهڻ جي اجازت ناهي، نه ئي هفتي هڪ ڏينهن گهرڀاتين سان ملاقات ڪرائي وڃي ٿي، جيل انتظاميا جي اهڙي رويي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
عزير بلوچ جي وڪيل چيو ته جوابدار کي جيل مينوئل موجب، سهولتون فراهم ڪيون وڃن، قانون پٽاندڙ گهرڀاتين سان ملاقات به ڪرائي وڃي.
عدالت عزير بلوچ جي درخواست تي سب جيل انتظاميا کي نوٽيس جاري ڪندي 24 ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو.
پوليس موجب، 2012ع ۾ لياري آپريشن دوران پوليس تي حملو ڪيو ويو هو، لياري گينگ واري جي مُک ڪردار عزير بلوچ سميت ٻين خلاف کارادر ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.