دنيا جو خوبصورت ترين ايئرپورٽ ڪهڙو؟ مسلمان ملڪ گوءِ هڻي ويو
Share
هوائي جهاز جو سفر عام طور تي وقت بچائيندڙ ۽ محفوظ سفر آهي، هوائي جهاز تي سفر ڪندڙ ماڻهو جڏهن ايئرپورٽس تي وڃن ٿا ته مسافرن لاءِ مختلف سهولتون ميسر ڪيون وينديون، ڪيترائي اهڙا ايئرپورٽس هوندا آهن جن بابت مسافرن جو ڪو سُٺو تجربو يا تجزيو ناهي هوندو پر ڪجهه ايئرپورٽس مسافرن جي لاءِ يادگار بڻجي ويندا آهن.
پرڪس ورسيلز جي سالياني عالمي آرڪيٽيڪچر ايوارڊ ۾ دنيا جي خوبصورت ترين ايئرپورٽ جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پهريون نمبر هڪ مسلمان ملڪ جي ايئرپورٽ جو آيو آهي.
دينا ۾ چار سئو کان وڌيڪ هوائي اڏن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ گڏيل عرب امارتن جي شهر ابوظهبي جي زيد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي دنيا جي خوبصورت ترين ايئرپورٽ قرار ڏنو ويو آهي.
ابوظهبي ايئرپورٽ جي ايڪس جهڙي بيهڪ انکي انوکو بڻائي ٿي ۽ ان ٽرمينل جو هر حصو گڏيل عرب امارتن جي قدرتي خوبصورتي جي مختلف پاسن کان ظاهر ڪري ٿو
اهڙي فهرست ۾ ٻئي نمبر تي ميڪسيڪو جي هڪ ايئرپورٽ کي خوبصورت ترين قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته ٽئين نمبر تي سنگاپور جي هڪ ايئپورٽ آهي.
انکانسواءِ خوبصورت ترين ايئرپورٽن واري فهرست ۾ بينڪاڪ جي هڪ ايئرپورٽ چوٿين جڏهن ته بوسٽن جي هڪ ايئرپورٽ پنجين نمبر تي آيون.