ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر دعويٰ ڪئي آهي ته هنن جا پنج هزار ڪارڪن گم آهن، ضلعي سطح تي لاپتا ڪارڪنن جي ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي.
ايبٽ آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر جو چوڻ هو ته بشريٰ بي بي جو سياست ۾ اچڻ جو ڪو ارادو ناهي، هوءَ احتجاج ۾ عام ڪارڪن جيان شامل هئي.
هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، علي امين گنڊاپور ڪي پي سرڪار جا وسيلا استعمال ناهن ڪيا.
بئريسٽر گوهر دعويٰ ڪئي ته هنن جا پنج هزار ڪارڪن لاپتا آهن، ضلعي سطح تي گم ڪارڪنن جي ڊيٽا گڏ ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته هنن جي تحريڪ تي ڪنهن به صورت ۾ گولي نه هلڻ گهرجي ها، مستقبل جي حڪمت عملي پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي طئي ڪندا، اڄ هو پنهنجي شهيد ڪارڪنن جي تعزيت لاءِ سندن گهر آيو هو.
پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو ته ڪڏهن به ڪا حڪومت پنهنجي شهرين تي گولي ناهي هلائيندي، شهيدن جي پونئرن کي ڪي پي حڪومت معاوضو ۽ نوڪريون ڏيندي.
هن وڌيڪ چيو ته سندن جدوجهد جهموريت جي بحالي ۽ پي ٽي آءِ باني جي آزاديءَ لاءِ آهي ۽ ماڻهن پنهنجو ڪاروبار،گهر ٻار واري به پي ٽي آءِ باني سان گڏ آهن.
You might also like