بالي ووڊ اداڪار وڪرانت ميسي جي اڻڄاتل مدي لاءِ فلمن تان رٽائرمينٽ جو امڪاني سبب سامهون اچي ويو آهي.
وڪرانت ميسي آچر جي ڏينهن پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تان هڪ پوسٽ ذريعي فلمن تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.
اداڪار پنهنجي پوسٽ ۾ فني سفر ۾ ساٿ ڏيندڙ مداحن، گهڻ گهرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن کي اِهو احساس ٿيو آهي ته هاڻي مڙس، پيءُ، پٽ ۽ اداڪار طور واپسي جو وقت اچي ويو آهي.
هن چيو ته ايندڙ سال اسان هڪٻئي سان هڪ ڀيرو وري آخري ڀيرو ملندا جيستائين صحيح وقت نٿو اچي.
پر هاڻي سندس هڪ ويجهي ساٿي ۽ هدايتڪار اداڪار بابت انڪشاف ڪيو آهي.
ڄاڻايل هدايتڪار چيو ته وڪرانت ميسي کي ڪيئي فلمز ۽ شوز جون آڇون هيون، پر هو سمجهي ٿو ته سندس مداح تمام جلد هن مان بيزاز ٿي ويندا.
هدايتڪار موجب، وڪرانت ميسي جو خيال آهي ته جيڪڏهن هن حد کان وڌيڪ ڪم ڪيو ته مداحن جي هن مان دلچسپي ختم ٿي ويندا.
هدايتڪار وڌيڪ چيو ته وڪرانت طرفان دليراڻو فيصلو ڪيو ويو جو هن پنهنجي ڪيريئر جي عروج تي فلمن رٽائرمينٽ ورتي، هاڻي جيڪڏهن هو واپسي ڪندو ته اِها شاندار هوندي.
Prev Post
You might also like