ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو کاتي صوبي ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سنڌ محمد اقبال ميمڻ 3 مهينن تائين هٿيارن جي نمائش تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کانسواءِ ڪنهن کي به هٿيارن جي نمائش جي اجازت نه هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي ڪمپنين جا ملازم ڊيوٽي ٽائم ۾ هٿيار کڻي سگهن ٿا، سرعام هٿيارن جي نمائش ذريعي عوام ۾ عدم تحفظ جو احساس پيدا ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا.
You might also like