وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو ٿي ويو.
وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادي محمد بن سلمان جي دعوت تي دورو ڪري رهيو آهي.
شهباز شريف سعودي عرب ۾ ”ون پلانٽ سمٽ فار واٽر“ ۾ شرڪت ڪندو، هو گول ميز ڪانفرنس کي به خطاب ڪندو.
ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان به ملاقات ڪندو، جڏهن ته هو يو اين سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ ٻين عالمي اڳواڻن سان به ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.