آخري پتو باقي آهي، في الحال استعمال نه ڪندس: عمران خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته گولي ڇو هلي، ان جي معافي نه ملندي، مان ماڻهن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيس، بشريٰ بي بي ليڊ ڪيو، باقي قيادت کي به اڳتي اچڻ گهرجي ها.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته عمران خان ڊي چوڪ واقعي تي صدمي ۾ آهي ۽ هن چيو آهي ته پهرين ايف آءِ آر محسن نقوي ۽ شهباز شريف خلاف ڪيو، پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته مون وٽ آخري پتو باقي آهي، جيڪو في الحال استعمال نه ڪندس، ڊي چوڪ سانحي تي سپريم ڪورٽ ۽ عالمي ادارن وٽ رپورٽ کڻي وينداسين.
هن چيو ته ڪو چئي پيو باني کي زهر ڏنو پيو وڃي، ڪو چئي رهيو هو ته طبعيت خراب آهي، ملاقات ۾ هن چيو ته مان بلڪل ٺيڪ آهيان، 50 ڪلاڪ بند رکيو ويو، اخبار، ٽي وي جي سهولت واپس ورتي وئي آهي.
سندس موجب مان عمران خان کي ٻڌايو ته 12 لاش رڳو ان ڪري آهن، ڇو ته ڪيترائي گم آهن ۽ ڪيترائي جيلن ۾ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.