دنيا جي بهترين شهرن جي فهرست جاري، ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ڪهڙي نمبر تي آهن؟

ملازمت جي سلسلي ۾ ٻاهرئين ملڪ شهرن جي چونڊ هڪ ڏکيو مرحلو هوندو آهي، جنهن لاءِ مرڪر نالي هڪ اداري پنهنجي تجزياتي رپورٽ ۾ رهائش لاءِ دنيا جي بهترين ۽ بدترين شهرن جي فهرست جاري ڪئي آهي.
مرڪر نالي اداري سال 2024 جي فهرست جاري ڪئي آهي، ان فهرست ۾ دنيا جي 450 کان وڌيڪ شهرن جي سياسي، سماجي، صحت، تعليم ۽ ڏوهن جي شرح سميت ٻين 39 عنصرن ۽ سهولتن جي بنياد تي درجابندي ڪئي وئي آهي.
ان فهرست ۾ سوئٽزرلينڊ جي شهر زيورخ سڀ کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪري رهڻ جي اعتبار سان بهترين شهر جو اعزاز حاصل ڪيو، ٻئي نمبر تي آسٽريا جو شهر ويانا، ٽئين نمبر تي سوئٽزرلينڊ جو جنيوا، ڊنمارڪ جو ڪوپن هيگن چوٿين، نيوزيلينڊ جو آڪلينڊ پنجين ۽ نيوزيلينڊ جو ئي ايمسٽرڊم ڇهين نمبر تي آهي.
فهرست ۾ جرمني جي شهر فرينڪفرٽ ستون، ڪينيڊا جي شهر وينڪوور اٺون، سوئٽزرلينڊ جي شهرن برن ۽ باسل نائون ۽ ڏهون نمبر حاصل ڪيو.
ايشيا ۾ رهندڙ لاءِ بهترين شهر سنگاپور کي قرار ڏنو ويو، جيڪو مجموعي طور تي 30هين نمبر تي آهي، جڏهن ته پاڪستان جو تخت گاهه اسلام آباد 204، ڪراچي 218 ۽ لاهور 220 نمبر تي آهي.
سوڊان جو تخت گاهه خرطوم دنيا جو بدترين شهر قرار ڏنو ويو، جنهن جو نمبر 241 آهي، اهڙي ريت عراقي تخت گاهه بغداد 240، يمن جو صنعا 238 ۽ هيٽي جو شهر پورٽ او پرنس 237 نمبر تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.