چيمپيئنز ٽرافي معاملو، هرڀجن سنگهه وري پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇڻ لڳو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر هرڀجن سنگهه پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇيندي چيو آهي ته پاڪستان جي ڀارت نه اچڻ سان ڪو به فرق نه پوندو.
اڳوڻي ڀارتي اسپنر هرڀجن سنگهه پاڪستان مخالف بيانن سبب ڪرڪيٽ حلقن ۾ تڪراري سمجهيو ويندو آهي.
آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي تي ڀارت جي انڪار بعد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سخت ترين موقف اختيار ڪيو آهي جنهن تي هرڀجن سنگهه سوال اُٿاريندي چيو ته اوهان کي لڳي ٿو ته اوهان (پاڪستان ) جي ڀارت نه اچڻ سان ڪو فرق پوندو؟
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان ڀلي ڀارت نه اچي، ڪائي ڳالهه ناهي، جيڪڏهن پاڪستان سمجهي ٿو ته هن جي نه اچڻ سان ڀارت ۾ شيڊيول ٽورنامينٽ تي ڪو فرق پوندو ته اِها ان جي سوچ آهي.
سندس چوڻ هوته پاڪستان وٽ ڀارت نه اچڻ بابت فيصلو ڪرڻ جو اختيار آهي، اهڙو ئي اختيار ڀارتي ٽيم وٽ به موجود آهي، ڀارتي رانديگر دبئي يا ابوظهبي ۾ کيڏڻ لاءِ تيار آهن.
هرڀجن سنگهه چيو ته هائبرڊ ماڊل تحت ٽورنامينٽ ڪرايو، شوقينن کي ڪرڪيٽ ڏسڻ ۾ دلچسپي آهي، ڀارت، پاڪستان ميچز هونئن به گهٽ ۽ وڏن ايونٽن ۾ ٿينديون آهن.
اڳوڻي اسپنر وڌيڪ چيو ته چيمپيئنز ٽرافي ٿيڻ گهرجي، ميگا ايونٽ کي انا جو مسئلو نه بڻائڻ گهرجي نه ايندئو هينئن ڪنداسين، هائبرڊ ماڊل تحت کيڏو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.