اسلام آباد ( و يب ڊيسڪ) حڪومت ملڪ ۾ ڏڦيڙن ۽ وڳوڙن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي معيار جي فساد روڪڻ واري فورس ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ 24 نومبر تي ڌرڻي ۾ وڳوڙن جي جاچ لاءِ جوڙيل ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اقتصادي معاملن واري وزير احد چيما، قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته احتجاج واري هنڌ تان هٿيار، ڪارتوس، گولين جا خول ۽ ٻيون شيون هٿ ڪيون ويون آهن، سمورا ثبوت فارنزڪ لاءِ موڪليا ويندا.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته واقعي واري هنڌ موجود وڳوڙين جي سڃاڻپ وارو عمل به تيزيءَ سان مڪمل ڪيو پيو وڃي، نشاندهي بعد سمورن وڳوڙين کي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو.
اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي بابت اڳڀرائي جو هفيوار جائزو ورتو ويندو.
هن چيو ته ڌرڻن دوران قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي زخمي ۽ شهيد ڪندڙن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي.
سندس چوڻ هو ته ڏڦيڙ پکيڙيندڙ بيلاروس جي صدر جي پاڪستان جي دوري وقت ملڪ جي راڄڌاني تي حملو ڪيو، جيڪو شرمساري جو سبب بڻيو، پاڪستان ۾ وقت جي گهرجن موجب عالمي معيار عالمي معيار جي فساد روڪڻ واري فورس ٺاهي وڃي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسلام آباد سيف سٽي ۾ فارنزڪ ليب شامل ڪري ان کي عالمي معيار تي آندو ويندو ۽ ان لاءِ سمورا ضروري وسيلا ڪتب آندا ويندا.
واضح رهي ته اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج ۽ بعد ۾ پيش آيل واقعن جي جاچ لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙي وئي هئي.
You might also like