پاڪستان، بنگلاديش کي بلائينڊ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي فائنل ۾ ڏهن وڪيٽن تان هارائي، ورلڊ چيمپيئن جو تاج پنهنجي سر تي سجائي ورتو.
اڱاري جي ڏينهن کيڏيل فائنل ۾ بنگلاديش بلائينڊ ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 139 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش جي عارف حسين 54 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي.
پاڪستان بلائينڊ ٽيم جي بابر علي ٻه، جڏهن ته محمد سلمان ۽ مطيع الله هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
قومي بلائينڊ ٽيم 140 رنسن جو هدف 11 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو، پاڪستان بلائينڊ طرفان نثار علي 72 ۽ محمد صفدر 47 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي.
بلائينڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: آخري دنگل ۾ بنگلاديش کي مات، پاڪستان عالمي چيمپيئن بڻجي ويو
You might also like