ويھين صديءَ کي آزاديءَ جي صدي سڏيو ويندو آھي. ان دوران قومي آزادين جو اھڙو سلسلو شروع ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ دنيا جون، خاص ڪري ايشيا ۽ آفريقا جون لاتعداد قومون غلاميءَ جا ڳٽ ٽوڙي اوچي ڳاٽ سان دنيا جي نقشي تي نروار ٿيون. اقوامِ متحدہ جي ٺھڻ وقت ان جا 51 ميمبر ھئا، جن جو تعداد ھاڻي 200 تائين پھچي چڪو آھي. البته ڪجهه قومون اڃا اھڙيون آھن جيڪي پنھنجي آزادي، خود مختاري ۽ خوشحاليءَ لاءِ ھٿ پير ھڻي رھيون آھن. انھن مان فلسطين ۽ سنڌ جي صورت حال جون ھڪ جھڙايون اڄوڪي مضمون جو موضوع آھن.
انھن جي نشاندھي ڪرڻ لاءِ سڀ کان پھرين مون 2014ع ۾ ان وقت مضمون لکيو جڏھن سنڌ جي زمين تي قبضن جي سلسلي ۾ ھڪ وڌيڪ ۽ تمام وڏو منصوبو ’بحريا ٽائون‘ شروع ڪيو ويو. پھرين اھو مضمون لاھور جي انگريزي اخبار ’Daily Times‘ ۾ ’The Polestinization of Sindh‘ جي عنوان سان ۽ پوءِ ’عوامي آواز‘ ۾ ’سنڌ فلسطين جي رستي تي‘ جي سري ھيٺ ڇپيو. ان کان پوءِ سنڌ جي سياسي لغت ۾ ’سنڌ ۽ فلسطين‘ جو اصطلاح سرسري طور استعمال ٿيندو آھي. اڄ انھن ھڪ جھڙاين بابت ڪجهه وڌيڪ تفصيل سان ذڪر ڪنداسين.
سڀ کان پھرين، وڏي ۽ عام ھڪ جھڙائي ته اھا آھي ته ٻي عالَمِي جنگ کان پوءِ لڳ ڀڳ ساڳئي وقت تي ٻه اھڙا ملڪ مذھب جي بنياد تي وجود ۾ آندا ويا جيڪي اڳ ۾ موجود نه ھئا؛ اسرائيل ۽ پاڪستان. ۽ ھاڻي اھا تاريخي حقيقت عام ڄاڻ بڻجي چڪي آھي ته انھن جي قيام جي پويان ڊھندڙ سامراج (برطانيا) ۽ اڀرندڙ سامراج (امريڪا) جا مفاد ھئا. سوويت يونين جي سرپرستيءَ ۾ ڪميونزم جي قوَّت کان خوفزدو ٿي انھن عالَمِي سرمائي دار ملڪن مذھبي جنونيت کي اڀاريو. ھڪ ھنڌ صيھونيت جي شڪل ۾ ۽ ٻئي ھنڌ اسلام جي نالي ۾. اسرائيل وارا پنھنجي مذھبي رياست کي جائز بڻائڻ لاءِ بائيبل کي بنياد ٿا بڻائن جڏھن ته پاڪستان وارا مذھب جي نالي ۾ قائم ڪيل رياست کي جواز مھيا ڪرڻ لاءِ محمد بن قاسم جي سنڌ تي حملي کي بنياد بڻائيندا آھن.
برطانوي سامراج پنھنجي مفادن لاءِ پھرين عالَمِي جنگ دوران ترڪيءَ جي اسلامي خلافت خلاف عرب نيشنلزم کي ھٿي وٺرائي، پوءِ وري ٻيءَ عالمي جنگ تائين عرب / فلسطيني نيشنلزم جي مقابلي ۾ مذھب جي بنياد تي يھودين کي منظم ڪيو. ٻئي طرف ننڍي کنڊ ۾ انڊين نيشنلزم ۽ ڪميونزم جي مقابلي لاءِ مسلمان قوم جي تصور کي ھٿي وٺرائي. ھڪ پاسي اسرائيل ٻئي پاسي پاڪستان.
فلسطين ۽ سنڌ، ٻئي سيٽلر ڪالونيلزم جو شڪار آھن. فلسطين ۾ اھو آخري ڏاڪي تي آھي جڏھن ته سنڌ ۾ اھو تيزيءَ سان وڌندڙ آھي. 1917ع جي بالفور ڊڪليئريشن (اعلان) سان يھودين کي فلسطين ۾ آباد ڪرڻ جي منظم تحريڪ شروع ڪئي ويئي جنھن جي نتيجي ۾ اسرائيل ٺھيو ۽ وري اسرائيلي رياست وڌيڪ آبادڪاريءَ جو ذريعو بڻجي رھي آھي. سنڌ ۾ پاڪستان جي اعلان سان ’مسلمان‘ آبادڪارن جي شروعات ٿي. ان کان پوءِ مذھب جي نالي تي قائم ڪيل پاڪستاني رياست منصوبي سان لڳاتار ڌاري آبادڪاريءَ کي وڌائي رھي آھي. اھا ائين وڌندي رھي ته ان جا نتيجا، فلسطين جي پس منظر ۾ ڪھڙا نڪرندا؛ اھو خيال ھر محبِ وطن سنڌيءَ کي پريشان ڪرڻ لاءِ ڪافيءَ کان وڌيڪ آھي.
سيٽلر ڪالونيلزم کي وڌيڪ سمجهڻ ۽ ان جي نتيجن کي ڏسڻ لاءِ امريڪا ۽ آسٽريليا جي صورت حال تي نظر وجهجي جتي اصلوڪن (Indigenous) ماڻھن مان ھڪڙن جو قتلام ڪري خاتمو ڪيو ويو جڏھن ته ٻين کي ٻئي درجي جو شھري ڪري رکيو ويو آھي. فلسطين ۾ به ھڪڙن ڌرتيءَ ڌڻين کي قتل ڪيو ويندو رھيو آھي، ٻين کي ڏيهه نيڪالي ڏني ويئي جڏھن ته ٽين سان ٻئي نه پر ٽئين درجي وارو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي. ھتي به ھڪڙن سنڌين کي جبري بي وطن ڪيو ويو جڏھن ته ھزارين سالن کان رھندڙ ۽ دنيا کي شاندار تھذيب ڏيندڙ سنڌين جي ھتي پنھنجي ڌرتيءَ تي رھندڙ حصي لاءِ ٻاھران آيل وزيرِاعظم چيو ”سنڌين جي تھذيب اُٺ ۽ گڏهه چاريندڙن واري آھي، ان جو تحفظ ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانھي.“ سنڌين جي مزاحمتي ڪلچر ڪري ھاڻي ائين چوَن ته ڪونه ٿا پر مذھب جي نالي ۾ آيل ٻاھريان پاڻ کي ’معتبر‘ سمجهن ضرور ٿا ۽ اھا به دعويٰ ڪندا رھندا آھن ته سنڌ جا شھر خاص ڪري انھن ٻاھران آيلن (مھاجرن / پنجابين) آباد ۽ ترقي يافته ڪيا.
سنڌ ۽ فلسطين وچ ۾ ھڪڙي ھڪ جھڙائي اھا به آھي ته فلسطين ۾ آيل ابتدائي آبادڪاريءَ جي اڪثريت فلسطيني عربن سان گڏجي رھڻ ۽ روزگار ڪرڻ پئي چاھي پر صيھوني رياست جي علم بردارن پنھنجي مستقل مفادن خاطر ائين ٿيڻ نه ڏنو. سنڌ ۾ به 1901ع (جمڙائو ڪينال) کان آيل پنجابي آبادڪارن جي اڪثريت مقامي سنڌين سان رلي ملي سنڌي ٿيڻ (Sindhization) واري عمل مان لنگهي رھي ھئي ۽ ڪيترا ته ٻولي ۽ ڪلچر جي لحاظ کان به سنڌي ٿي چڪا ھئا پر رياستي حڪمرانن پنھنجي مستقل مفادن کي محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش ۾، خاص طور ون يونٽ ذريعي / دوران انھن کي سياسي طور سنڌين کان ڪٽي پنھنجو ساٿاري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. ساڳيءَ طرح ھندستاني مھاجرن جو وڏو تعداد، خاص ڪري سنڌ جي ننڍن شھرن ۾ به مقامي آباديءَ سان ملي رھيو ھئو پر پھريان لياقت عليءَ ـ ھاشم رضا ٽولي ۽ بعد ۾ ايم ڪيو ايم (رياستي سھڪار سان) ان عمل کي روڪيو.
اڃا ھڪ ٻي ھڪ جھڙائي اھا آھي ته 1930ع جي ڏھاڪي دوران ’عرب ھائر ڪميٽيءَ‘ فلسطين ۾ آبادڪاريءَ جي مسئلي تي انگريز حڪمرانن سان ڪمپرومائيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انگريز پنھنجي منصوبي تي عمل ڪندا رھيا تان جو 1948ع تائين اسرائيل جي قيام ۽ نخبا (Catastrophe) تائين صورت حال پھچي وئي. ان کان پوءِ فلسطينين جيڪا جدوجھد ڪئي آھي ۽ پنھنجي قومي بقا جي جنگ وڙھي آھي ان کان دنيا واقف آھي. ان جي باوجود اڄ (2024ع) ڪھڙي صورت حال آھي سا به دنيا سان گڏ اسان جي اکين اڳيان آھي. اسان سنڌي به چڱائيءَ جي آسري تي ڪمپرومائيز ڪندا آيا آھيون. پاڪستاني رياست ڪنفيڊريشن (لاھور قرارداد) کان وٺي فيڊريشن جي نالي ۾ بدترين قسم جي مرڪزيت پسند شڪل اختيار ڪري چڪي آھي جنھن جو عملي اظھار 1973ع جو آئين آھي جنھن ذريعي ھڪ طرف وڏي پيماني تي ڌاري آبادڪاري ڪرائي پئي وڃي ته ٻئي پاسي سمورا قدرتي وسيلا ۽ آمدنيءَ جا ذريعا سنڌ ۽ سنڌين کان کسي مرڪز جي ملڪيت بڻايا ويا آھن پر اسان اڃا ڪمپرومائيز ڪندا پيا اچون. ان جو ھڪڙو مثال 18ھين آئيني ترميم آھي جنھن تي ’دھل شرنائيون‘ وڄايا ويا ته ”ھاڻي سنڌ کي حق ملندا.“ دانشورن چيو ته ”اھو درست سمت ۾ پھريون قدم آھي.“ اسان ٻئي قدم جي آسري ۾ رھياسين. ھوڏانھن اسان جا پير پيا ڪڍيا وڃن. ايپيڪس ڪميٽيءَ ۽ ’SIFC‘ جھڙا انتظامي ادارا اسان جي پاڻيءَ، قدرتي وسيلن ۽ خود زمين تي قبضي جا فيصلا پيا ڪن ۽ 18ھين ترميم وارو آئين ’ڀيلڙو‘ منھن ڪيو ڏسي رھيو آھي. فلسطينين کي به ائين ’ٻه رياستي حل‘ لاءِ مذاڪرات جي نه کٽندڙ عمل جي آسري ۾ رکيو ويو ۽ ھوڏانھن اسرائيل سندن ڌرتيءَ تي قبضو ڪندو پيو وڃي.
ھڪ جھڙاين جو سلسلو اڻ کٽ آھي. ھڪ مرحلي تي فلسطيني 1947ع تائين آيل سيٽلرن کي قبول ڪرڻ تي راضي ٿي ويا بشرطيڪه وڌيڪ نه اچن. ان جو ناجائز فائدو وٺندي اسرائيل ۽ ان جي ساٿاري / سرپرست ملڪن وڌيڪ تيزيءَ سان ٻاھريان يھودي آباد ڪرايا. اسان 1954ع تائين ٻاھران آيلن کي قبول ڪيو ته رياست جي آشيرباد ۽ مدد سان ڌاري آبادڪاري اڃا گهڻي ۽ وڌيڪ تيزيءَ سان ٿي رھي آھي جنھن سان سنڌين جي پنھنجي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو وڌندو پيو وڃي.
فلسطين ۾ نيون آباديون ۽ نوان شھر تعمير ڪيا پيا وڃن پر يھودي آبادڪارن لاءِ جيڪي ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ ’نوگو ايريا‘ آھن. سنڌ ۾ به ڏکڻ کان اتر ۽ اولهه کان اوڀر ’ترقيءَ جي نالي‘ ۾ بي شمار بند (Gated) سوسائٽيون، ڪئمپون / اڏا ۽ ايستائين ته شھر تعمير ڪيا پيا وڃن جيڪي عام سنڌين لاءِ ممنوعا علائقا آھن. انھن جي اندر 90 سيڪڙو ڌاريا آباد آھن / ٿيندا جڏھن ته 10 سيڪڙو انھن جا دلال ۽ ساٿاري سنڌي آھن / ھوندا.
2014ع کان اڄ تائين ڏھن سالن جي عرصي ۾ فلسطين ۽ سنڌ جون مصيبتون ۽ مشڪلون وڌيون آھن ته مسئلا به وڌيڪ سنگين ٿيا آھن ۽ وقت سان ٻنھي جون ھڪ جھڙايون به وڌيڪ واضح ٿينديون پيون وڃن. ان سان گڏ ٻنھي قومن کي در پيش چيلينج، خدشا ۽ خطرا به وڌندا ٿا وڃن. فرق رڳو اھو آھي ته فلسطين جي صورت حال مٿاھين ۽ فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي رھي آھي جڏھن ته سنڌ ساڳئي رستي تي پر پوئتي آھي.
چِئي سگهجي ٿو ته فلسطينين وٽ سبق سکڻ لاءِ ڪا ’فلسطيني صورت حال‘ موجود ڪونه ھئي پر اسان جي آڏو اھا آھي جنھن مان سبق سکي ۽ تجربو حاصل ڪري سيٽلر ڪالونيلزم جي مٿانھين ۽ خطرناڪ مرحلي کان پاڻ کي بچائي سگهون ٿا. ڪنھن ڏاھي جو اھو ڏس وقتائتو ۽ ڪارگر ٿيندو ته ”ٻئي جي مصيبتن مان سبق سکو، ان کان اڳ جو اھي مصيبتون توھان تي نازل ٿين.