احتاجن جي سياست مان عمران خان کي ڇا حاصل ٿيندو

تحرير: رياض ابڙو 

ڪير صحيح آهي ۽ ڪير غلط آهي، ڪير رياست جي پٺڀرائي ۾ رڌل آهي ، ڪير عوام سان سچو آهي ۽ ڪير عوام سان سچو ناهي. جڏهن سياسي پارٽيون پاڻ اقتدار ۾ هجن ٿيون ته ڪير ڪنهن جي ڳالهه نه ٿو ٻُڌي، ۽ ڪير ڪهڙي صوبي جي آڌار تي سياست ٿو ڪري، سو به هيل تائين قومي سياست ۾ بلڪل واضع ٿي ڪو آهي. پر اها ڳالهه به سمجهه کان بالاتر آهي ته احتجاج پي ڊي ايم جا صحيح هيا يا هاڻي جيڪي پي ٽي آءِ وارا ڪن ٿا اهي صحيح آهن، ڪرپشن جا ڪيس معاف ڪرائي وزيراعظم بڻجڻ صحيح آهي يا ڪيسن جا وڙهڻ ۽ جيل ڪاٽڻ صحيح آهي، ماڻهو ته خير ورهائجي ٿا وڃن پر اصولي سياست ڪرڻ وارا به ڄڻ لٺ ۽ چٺ ڏسڻ سان ڀڄي وائکا ٿي ٿا وڃن پوءِ عام خلق ڪاڏي وڃي.

ڳالهه وري به پي ٽي آءِ جي ڪبي ته هنن جي سياست ۾ پائيداري، پختائي ۽ پڪائي ناهي، هنن جڏهن به سياست ڪئي آهي تڏهن هڪ شخص جي سياست ڪئي آهي، ان ڪري جو ڪي پي جا ماڻهو شخصي پرستيءَ واري سياست ۾ لاڳيتو ورتل رهيا آهن. ان سبب خاص ڪي پي جي صوبي جي بي لغام ڪارڪن جي سياست رڳو عمران خان جي چوڌاري پئي ٿي ڦري، جاڏي عمران خان تاڏي ڪي پي جا ڪارڪن، پوءِ جيڪو ٿيو. هن دفعي ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن (وزيرن) ته پاڻ ئي ليڪا ڪڍي ڇڏيا، ڇو ته ڳالهه گهڻي چٽي ٿي بيٺي جو 9 مئي کانپوءِ پنجاب جي سياست مان ڪيترا ڪارڪن (وزير) عمران خان جي لاءِ اٿي بيٺا ۽ ڪيترا لساني اثر ۾ ڪي پي مان نڪري نروار ٿا، ۽ خاص ڪارڪن جن جي مٿان عمران جو هٺ هيو يا جن تي ناز ڪندو هيو سي ڇڏي ڀڄي ويس، پر جيڪي به پنجاب جي پي ٽي آءِ جي سياست مان نڪري چڪا، اهي هاڻي سڀ جا سڀ سني ڪائونسل جا ميمبر آهن، اندر ئي اندر نون ليگ جا حامي آهن ۽ ڪيترائي پيپلز پارٽيءَ سان گڏ بيٺا آهن، ان ڪري جو هنن پي ٽي آءِ وارن جي سياست اصولن جي ناهي.

هاڻي حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف کي ”انتشار پسندن ۽ تخريبڪارن“ جي پارٽي قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اها به ڳالهه گردش ۾ آهي ته مستقبل ۾ ”رياست مخالف احتجاج“ کي روڪڻ لاءِ مخالف ڌر جي چوڌاري گهيرو تنگ ڪرڻ ۽ ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو فيصلي تحت ڪا نئين فورس ٺاهي وڃي، جيڪا مرڪز ۾ رڳو وڳوڙين کي مُنهن ڏيندي. مرڪز هاڻي پي ٽي آءِ جي سياست مان ان ڪري به تنگ آهي ته اهي رياست مخالف سياست ڪندا ٿا وتن، اهي هلي هلي ڄڻ ليفٽسٽ ٿي ويا آهن، ان ڪري جو ڪي پي جا سڀ ڪارڪن جيڪي لساني جماعتن ۽ طالبان جي ٽولن ۾ شامل هيا، سي وري هاڻي منظور پشين سميت پي ٽي آءِ جي حمايت ۾ لهي آيا آهن، ۽ هيءَ نه هيءَ مهل مرڪز ۾ باھ ٻاريون بيٺا آهن. هن پارٽي تي پابندي ته خير نه لڳندي پر اڃان به ڌڙا ٿي ويندي جو سڀاڻي هن جي شيرازو ميڙڻ ۾ صديون لڳي وينديون. مرڪز جو اهو به  فيصلو آهي ته عمران خان جي زال بشريٰ بيبي ۽ خيبرپختونخواھ جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن، ڇو ته پي ٽي آءِ جي ان خوني مارچ جيڪو پشاور کان شروع ٿي اسلام آباد ۾ پرتشدد مظاهرن بعد ٿي ڇڙوڇڙ ڪيو ويو جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا.

ڪي پي جو وزيراعليٰ ته مخالف ڌر جي سياست کان هاڻي مٿي چڙهي ويو آهي، اهو هاڻي کاٻي ڌر جو نمائندو ٿو لڳي، جيڪو عسڪري ادارن سان به سينو ٿو ساهي. ڀلا جيڪا ڳالهه ڳالهين ذريعي طئي ٿي سگهي ٿي، ان جي لاءِ خوني مارچ جي ڪهڙي ضرورت هئي. هنن ڪي پي مان اپريل 2022 کان وٺي مسلسل اهڙا مارچ ڪيا ۽ اهڙي سياست ڪئي جنهن جو ڪو کڙتيل نه ٿو نڪري، ۽ جنهن جي ڪري هردفعي ڪيترائي ڪارڪن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ماڻهو به مارجي ٿا وڃن، ۽ ماڻهو سمجهن ٿا ته هنن جي سياست ڪنهن ڪم جي ناهي. مثال طور جي ماضي ۾ جهاتي پايون ته زرداري ۽ نون ليگ جي قيادت به ته جيل ڪاٽي چڪي آهي، پر انهن سياست تي سمجهوتو ڪيو ۽ ڳالهيون ڪري رياست کان معافي تلافي وٺي، ڪڏهن ملڪ مان فرار ٿي ويا ته ڪڏهن پنهنجي سياست بچائي ويا ۽ اهو ئي ممڪن رستو آهي، باقي خون ريزي مان ڪو فائدو ناهي.

هن ملڪ جي گهر گهر ۾ سياست، مذهب ۽ رياست جا حامي گروهن گروهن ۾ ورهايل آهن، انهن کي هڪ پيج يا هڪ ڳالهه تي بيهاري نه ٿو سگهجي، يا چئجي ته سڀاڻي مذهبي انقلاب پرپا ٿي ويندا، سڀاڻي هن ملڪ ۾ ڪو معاشي يا معاشرتي انقلاب ايندو. ڇو جو هتي هڪ صلاح ڪنهن جي ناهي ۽ ڪير ڪنهن جو بنيادي طور حامي يا ناصر به ناهي، ماڻهن ۾ نفسانفسي گهڻي ٿي پئي آهي. ان ڪري مرڪز ۾ جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گوليون هلايون ته سڀ ڀڄي وڃي ڪي پي پهتا ۽ عليما خان ۽ بيببي بشريٰ ۾ تڪرار کڙا ٿي ويا ته ا.تون ڪنٽير تان نه لهين هان“، يا ”تون ڇو لٿينءَ“ هاڻي اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو ڪاڏي وڃي ۽ ڪنهن جي پاسي ٿي بيهي؟ جو ليڊر پاڻ ۾ به طئي ڪري نه ٿا نڪرن ته ڪرڻو ڇاهي؟

جڏهن چڱا مڙس ۽ عورتون به حق سچ جي لاءِ نه ٿيون ڳالهائي سگهن، جڏهن معاشي ۽ معاشرتي حقيقتون اڻپوريون هجن، جڏهن سالميت ۽ سچي ڪردار جي ڪا اهميت نه هجي، جڏهن قومي سالميت کان ذاتي انا ۽ نفسا نفسي جو تحفظ وڌيڪ اهم هجي ته پوءِ روڪڻ لاءِ ڪجھه به ناهي بچندو، تڏهن ظلم جي فتح اڻٽر هوندي آهي، ماڻهن ۾ پوءِ انقلاب جون ڇسيون ڳالهيون نه ٿيون ڪري سگهجن . ماڻهو پوءِ رياست جي ڏمر جو شڪار ٿي ٿا وڃن، اهي رياست جي غضب ۾ مبتلا ٿي ٿا وڃن، اهي اندروني تڪليفن مان گذرن ٿا، ليکاري ڀلي قلم کي ڪاغذ تي رکي درد چٽي، پر رياست سان ٽڪراءُ ڏکيو ٿي ٿو پئي، ۽ انهن سڀني حڪمران طبقي جي فائدي لاءِ قوم جو مستقبل سخت خوفزده ٿي ٿو وڃي. ان ڪري سياسي بي نيازي لهي ٿي پئي، سياسي اجتماعي خودڪشي جاري رهجي ٿي وڃي، حڪمران ۽ اشرافيه ڪلاس پاران انڪار رياست جي قانون ۽ آئينن جو انڪار غريب عوام جي ڳڄيءَ ۾ ٿو پئي، سياستدان ذاتي تحريف ۽ ٺڳيءَ جي شعوري ڪوشش ڪندا ٿا رهن، ان ڪري سماجي تباهيءَ جو اهو طريقو اسان جي رياست ۽ سماج جي اڻ اوسر جو سبب بڻجندو ٿو وڃي. اراسمس دي پريز آف فولي (1509) ۾ لکيو ٿو ته: ”انهن وٽ (سياستدانن) جيتري صلاحيت گهٽ هوندي آهي، اوترو ئي انهن ۾ غرور، جهالت ۽ وڏائي هوندي آهي. پر اهي سڀ بيوقوف، ٻيا بيوقوف ڳوليندا وتندا آهن، جيڪي انهن جي واکاڻ ڪندا رهن.” ڇو ته اقتدار جي بکايل سياستدانن جو هڪ ناجائز اتحاد، رياست جي سازشن کي جمهوري محاذ فراهم ڪندو ٿو رهي.

حيرت آهي ته ڪي پي جون حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جي گورنر راڄ لڳي، پر لڳندو نه، ان ڪري ته جمهوري ادارن جي حالت هاڻي ڪنهن به صورت اهڙي حالت کي برداشت ڪرڻ جهڙي ناهي ۽ رياست ۾ به دم ناهي ته اهي ڪجھه ڪري سگهن، ان ڪري ڪامياب ڳالهيون ئي سياست جي پائيداري آڻي سگهن ٿيون. بهتر آهي ته وقت جي حڪومت به انهن سڀني ڪيسن کي ترت اڪلائي جنهن ۾ سياسي پارٽين کي رليف ملي ۽ اهي سمجهن ته رياست انهن سان انصاف جون سڀ گهرجون پوريون ٿي ڪري ۽ سياست هاڻي صحيح پير تي آهي.

هاڻي حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف کي ”انتشار پسندن ۽ تخريبڪارن“ جي پارٽي قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اها به ڳالهه گردش ۾ آهي ته مستقبل ۾ ”رياست مخالف احتجاج“ کي روڪڻ لاءِ مخالف ڌر جي چوڌاري گهيرو تنگ ڪرڻ ۽ ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو فيصلي تحت ڪا نئين فورس ٺاهي وڃي، جيڪا مرڪز ۾ رڳو وڳوڙين کي مُنهن ڏيندي. مرڪز هاڻي پي ٽي آءِ جي سياست مان ان ڪري به تنگ آهي ته اهي رياست مخالف سياست ڪندا ٿا وتن، اهي هلي هلي ڄڻ ليفٽسٽ ٿي ويا آهن، ان ڪري جو ڪي پي جا سڀ ڪارڪن جيڪي لساني جماعتن ۽ طالبان جي ٽولن ۾ شامل هيا، سي وري هاڻي منظور پشين سميت پي ٽي آءِ جي حمايت ۾ لهي آيا آهن، ۽ هيءَ نه هيءَ مهل مرڪز ۾ باھ ٻاريون بيٺا آهن. هن پارٽي تي پابندي ته خير نه لڳندي پر اڃان به ڌڙا ٿي ويندي جو سڀاڻي هن جي شيرازو ميڙڻ ۾ صديون لڳي وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.