فيبروري 2024 کان مسلم ليگ ن جي قيادت ۾ قائم ٿيل گڏيل حڪومت جي 9 مھينن جي دور ۾ سياسي بي يقني اڃان بھ وڌي وئي ھئي.ملڪ ۾ سياسي استحڪام آڻڻ جي خيال سان ڪرايل جڳاڙي چونڊن جي نتيجي ۾ جوڙيل يا جڙايل حڪومت جي دور ۾ سياسي ڇڪتاڻ اڃان بھ وڌي وئي آھي.
پھرين تھ انھن چونڊن جي نتيجن تي ھر سياسي جماعت کي اعتراض ھو، پر ھميشھ جيان اڪثر سياسي جماعتن ان کي نھ چاھيندي بھ قبول ڪري ورتو.جنھن بعد اڳي جيان گھٽ ميمبرن ھوندي مسلم ليگ ن کي حڪومت ڏني وئي.عام خيال ھي آھي تھ اھڙي ڪمزور حڪومت ان ڪري جوڙي ويندي آھي جئين اصل حڪومت ڪندڙ ڌر يعني ملڪ جي اسٽيبلشمنيٽ ان کي پنھنجي مرضي سان ھلائي سگھي.ان ڪري ھن وقت ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رھيو آھي، ان مان اھو چٽو نظر اچي پيو تھ حڪومت وٽ پنھنجي ڪا بھ چٽي ۽ واضح ايجنڊا نھ ھئڻ ڪري ان مان عوام کي ڪنھن بھ طرح جو ڪو فائدو نھ ٿي رھيو آھي.
ملڪ جي وڏي اپوزيشن جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت کي پھرين ڏينھن کان تسليم نھ ڪندي ان خلاف مھم ھلائڻ شروع ڪري ڏني، جنھن سان اقتدار ۾ ويٺل ۽ اقتدار کان ٻاھر سياسي قوتن جي پاڻ ۾ جاري ويڙھ سبب حڪومت عام ماڻھن جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي زحمت ڪرڻ بدران اپوزيشن کي منھن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملين ۽ پروگرام جوڙڻ ۾ رڌل آھي.ساڳي ريت اپوزيشن جي وڏي جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف جنھن وٽ خيبرپختون خواه جي حڪومت پڻ آھي، اھا صوبائي حڪومت جي وسيلن سان وفاقي حڪومت خلاف مھم جوئي ڪرڻ ۾ مصروف آھي، جيڪڏھن ڏٺو وڃي تھ ڪي پي ڪي صوبي جي اندر ٻين مسئلن سان گڏ ھن وقت دھشتگردي جو مسئلو وڌي ويو آھي.جنھن طرف پورو ڌيان نھ ڏيڻ ڪري اھو معاملو وقت گذرڻ سان وڏي ڪنھن بحران کي جنم ڏئي سگھي ٿو.
تازو 24 نومبر تي پاڪستان تحريڪ انصاف پاران پنھنجي باني جا آزادي ۽ آئين ۾ ترميم خلاف ڏنل ” فائنل ڪال“ دوران جاري رھندڙ مارچ ۽ احتجاج ھڪ نئين مسئلي کي پئدا ڪري ڇڏيو آھي.جنھن بابت حڪومت ۽ اپوزيشن جي متضاد بيانن ۽ مارچ وقت ٿيل آپريشن ۾ پي ٽي آءِ، جي ڪارڪنن جي مارجڻ بابت ھر طرف کان وڌاءَ کان ڪم ورتو پيو وڃي، جنھن ڪري اھو معاملو نھ رڳو مونجھاري جو شڪار ٿي ويو آھي پر ڌرين خاص ڪري اپوزيشن طرفان ان کي انا ۽ ضد سمجھي ڪري حڪومت کي وري نئين سر سان ڌمڪيون ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي.
26 ۽ 27 نومبر جي وچ واري رات جڏھن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ريلي اسلام آباد جي ڊي چوڪ ۾ داخل ٿي رھي ھئي ته پوليس ۽ رينجرز گرينڊ آپريشن ڪيو ۽ ڳوڙھا آڻيندڙ گئس ھلائي ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪيو. پي ٽي آءِ جي دعويٰ موجب ان جا درجنن ۾ ڪارڪن ماريا ويا ۽ سوين زخمي ٿي پيا. ان سموري آپريشن کي حڪومت جي اعليٰ عھديدارن جي مڪمل پٺڀرائي حاصل ھئي.
سرڪاري عھديدارن ۽ وزيرن جي دعويٰ آھي تھ ان آپريشن ۾ ڪا بھ گولي نھ ھلائي وئي آھي. ٻئي پاسي سرڪار پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي دھشتگرد قرار ڏئي رھي آھي. جنھن بعد حڪومتي حلقن مان ملڪ جي وڏي اپوزيشن جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي وجھڻ بابت بھ ڳالھيون ميڊيا ۾ اچي رھيون آھن.اھڙي صورتحال نھ حڪومت جي لاءِ بھتر آھي ۽ نھ ئي وري اپوزيشن کي اھڙي ڪنھن ڪوشش سان ماٺ ڪرائي سگھجي ٿو. اختيارين جي اھڙين ڳالھين مان اھو اندازو ٿي رھيو آھي تھ ويجھي مستقبل ۾ ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ ۽ بي يقيني گھٽجڻ بدران وڌندي. جنھن جو سڌو اثر ملڪ جي عوام تي پوندو. ھڪ مثبت سياسي نظام ۾ جنھن سھپ، اخلاقي جرئت ۽ اصول تي عمل ڪرڻ جي ڳالھه آھي ان تي تھ ڪا بھ ڌر عمل ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.جنھن سبب ملڪ ۾ سياسي نظام گدلو ٿي رھيو آھي، مبصرن جو خيال آھي تھ ملڪ ۾ اھڙي غيرسياسي ماحول قائم ڪرڻ ۾ غير سياسي قوتن جي عمل دخل کي پڻ نظرانداز نھ ٿو ڪري سگھجي.
حڪومت شايد ان خام خيالي ۾ آھي تھ ان پاڪستان تحريڪ انصاف کي چٿي ڇڏيو آھي. پر اھا وڏي ُڀل آھي. ڊي چوڪ واري احتجاج دوران جنھن نموني سان حڪومت ان مٿان طاقت جو استعمال ڪيو اھو عمل بنهھ غيرسياسي ھو. ھن نالي ماتر سياسي حڪومت مٿان اھڙو داغ آھي جيڪو ڪڏھن بھ ڌوپجي نھ سگھندو.
تاريخ شاھد آھي تھ طاقت جي نشي ۾ اچي حڪمرانن پاران شروع ڪيل اختيارن جو غيرقانوني استعمال خود حڪمرانن جي شڪست جو سبب بڻيو آھي.حڪمرانن کي سکڻ جي ضرورت آھي.جمھوريت ۽ مھذب معاشرن ۾ ھر ماڻھو کي احتجاج ڪرڻ جو مڪمل آئيني حق آھي.پر جنھن طريقي سان ملڪ جي وڏي اپوزيشن جماعت جي احتجاج کي منھن ڏنو ويو يا ان کي چٿيو ويو ان عمل کي دنيا جي ڪنھن بھ سڌريل سماج ۾ درست ۽ ھاڪاري قرار نھ ڏنو ويندو.ان سان ھاڻوڪي حڪومت ۾ شامل حڪمرانن خاص ڪري اتحادي جماعتن کي وڌيڪ سياسي نقصان ٿيندو.حڪومتي ساک جي خراب ٿيڻ کان ھاڻي ڪو معجزو ئي بچائي سگھي ٿو.
ھن وقت ملڪ ۾ جيڪا صورتحال آھي ان مان ڪڍڻ جي لاءِ ملڪ جي سمورين سياسي جماعتن کي سھپ، بردباري ۽ ڀائچاري کي ھٿي ڏيڻ جي ضرورت آھي.ڪنھن بھ اٻھرائي ۽ مھم جوئي سان ملڪ توڙي عام ماڻھو کي پورائي نھ ٿي سگھڻ جھڙي نقصان رسڻ جو خطرو پئدا ٿي رھيو آھي.ممڪن آھي اقتدار ۾ ويٺل جماعتن جي حامي اڪابرن ۽ مفڪرن کي ڪا غلط فھمي ھجي تھ سرڪار ھر حال ۾ درست آھي.پر تاريخ ڪنھن کي بھ معاف نھ ڪندي.عوام ۾ حڪمرانن خلاف وڌيڪ نفرت جا جذبا پيدا ٿيندا ۽ حڪومت جي رھيل سھيل ساک مٽيءَ ۾ ملي ويندي، اڳي ئي حڪومت جي پاڙ ڪا گھڻي پختي نھ آھي.اخلاقي جواز بھ آھستي آھستي ختم ٿي رھيو آھي.جيڪڏھن جاري سياسي ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سنجيدھ ڪوششون نھ ورتيون ويون ۽ ملڪ ۾ موجود سياسي بي يقيني ختم نھ ٿي تھ ان سان عوام ۾ بي چيني وڌندي ۽ اڳي ئي مسئلن ۾ ڦاٿل ماڻھن وٽ ڪو رستو نھ رھندو تھ صورتحال خراب ٿي ويندي.