چين کي سمجھڻ ٽرمپ لاءِ وڏو چئلنج ھوندو

تحرير: مشاهد حسين سيد

 چوڻي آهي تھ هڪ تصوير هزار لفظن جو نعم البدل آھي.معنيٰ تھ ان ۾ سمايل ڪيفيت کي بيان ڪرڻ لاءِ ھزار لفظن  گھربل ھوندا آھن. اھڙي ئي ڪيفيت ھڪ حقيقي تصوير ۾ بيان ڪئي وئي. گذريل هفتي  اي پي اِي سي جي چوٽي جي گڏجاڻي  ٿي. جنهن ۾ پيرو جي صدر کي مسڪرائيندي ھڪ  ُپراعتماد چيني  صدر شي کي ڏيکاريو ويو. صدر شي جن پنگ اڳين قطار ۾ بيٺو هو، جڏهن ته آمريڪي صدر جو بائيڊن  ڪنھن منڊي بدڪ وانگر  اڻوڻندڙ تاثرات  سجايل چھري سان  ٻئي قطار جي ڪنڊ ۾ ڌڪيو ويو ھو.ان ڪيفيت مان چين جي صدر شي، ڏکڻ آمريڪا جي دوري جي بسنت سان ٻه اهم پيغام ڏنا.

پهريون پيغام، جيتوڻيڪ لاشعوري طور تي اهو آهي ته چين  گلوبل ساوٿ جي بحالي جي ھڪ حصي طور وڏي پئماني تي آمريڪا جي ‘پٺين پاسي ‘ کان ڏکڻ آمريڪا ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ ائين لڳي ٿو تھ آمريڪا هڪ اهڙي خطي ۾ وري ڀيرو ان بيڪ برنر  ڏانھن جھڪي ويو آھي. جنھن جو  اھو عملي طور تي  ٻه صديون پراڻي ”منرو ڊاڪٽرائن“  جو ڌڻي ھو. پر هاڻي 21هين صديءَ جي اڀرندڙ حقيقتن ۾ اھو ورثو وسري ويل  ۽ بيڪار آهي. اھو ڪو اتفاق نه آهي ته صدر جو بائيڊن جو سندس چئن سالن جي صدارتي دور ۾ ھي ڏکڻ آمريڪا جو پهريون دورو آھي.ان جي ڀيٽ ۾ صدر شي جو علائقي جو ھي پنجون دورو آھي.

آمريڪا بالادستي ۽ طاقت جي علامت  ھوندي، ان جي  ’پٺين پاسي ‘  کان چين جو بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو جي ذريعي مضبوط ڪري وڃڻ ۽  ان کي چين سان سامونڊي سلڪ روڊ ذريعي گلوبل ڏکڻ سان ڳنڍي ڇڏڻ ، شايد چين جو ايڪھين صديءَ جو سڀ کان اھم سفارتي ۽ ترقياتي قدم آھي.صدر شي، پيرو جي بندرگاهه چانڪي  جو افتتاح ڪيو، جنھن کي 3.5 بلين ڊالر جي لاڳت سان تعمير ڪيو ويو آهي، جنھن سان ڏکڻ آمريڪا کان ايشيا تائين پاڻي وارن جھازن جو وقت 45 ڏينهن کان گھٽ ڪري 23 ڏينهن تائين ڪيو ويو آھي. ان سان ٻنهي کنڊن  وچ ۾ واپار کي وڏي ھٿي ملندي.

چيني صدر جو ٻيو پيغام  ان کان بھ وڌيڪ اھم آھي. جيڪو صدر شي، ليما ۾ صدر جوبائيڊن سان الوداعي ملاقات ۾کيس ڏنو. چين، صدر ڊونالڊ ٽرمپ سان سھڪار تي ٻڌل لاڳاپن جو خواھشمند آھي، پر چين ان ڳالهه جو دفاع ڪندو ته صدر شي صدر بائيڊن کي آمريڪا سان لاڳاپن ۾ چين لاءِ جيڪو پيغام ڏنو آھي سو چين وارن جي لاءِ’ريڊ لائينز‘  آهي.

آمريڪا سان چين جي رابطي جي باري ۾ ڳالهائيندي،  صدر شي ،بائيڊن کي آمريڪي پيشھ ورن ۽ رويي  ۾ ھٻڪڻ  بابت خبردار ڪيو: "لفظ معتبر هجڻ گهرجن ۽ ڪو به شخص پنھنجي ڳالھھ کي پاڻي ڏيڻ سوا بيهي نه ٿو سگهي. چين هميشه پنهنجو لفظن جو مان رکندو آهي، پر آمريڪي وارن طرفان هميشه چئبي ھڪ ڳالھھ ۽ ڪبي ٻي ڳالھھ آھي. اهو سڀ آمريڪا جي اميج  کي تمام گهڻو ڇيھو رسائيندڙ آهي (ڇاڪاڻ ته) ان سان گڏيل اعتماد کي ڇيھو رسي ٿو“ ۽ پوءِ  پهريون ڀيرو ڪنهن چيني اڳواڻ پنھنجي پاران واضح ڪيو، صدر شي، ڪنهن بھ آمريڪي صدر جي اڳيان چين جون ’چار ريڊ لائينون‘ بيان ڪيون، جيڪي ناقابل ُگفت و شنيد آھن،يعني انھن  تي ڳالهيون نھ ٿينديون :

(الف) تائيوان جو مسئلو:

(تائيوان چين جو اڻ ٽٽ  حصو آهي ۽ ڪو به ‘ون چائنا پاليسي’ تي سوال نھ ٿو اٿاري يا ان کي ڪمزور نھ سمجھي)

 ( ب): جمھوريت ۽ انساني حق

آمريڪا جي سنڪيانگ ،تبت ۽ ھانگ ڪانگ جي حوالي سان انساني حقن کي “ھٿيار بڻائڻ“ جي ڪوشش قبول نھ ڪئي ويندي

( ت)چين  جو رستو ۽ ان جو نظام:

چيني سياسي نظام جي محور طور چيني ڪميونسٽ پارٽي جو بنيادي ڪردار آھي

 (ث ): چين جو ترقياتي  حق

بي آر آءِ ۽ چيني اقتصاديات ۽ ٽيڪنالاجي ترقي ۾ ڪا به رڪاوٽ نه  آھي

ان پس منظر ۾ پرڏيهي پاليسي ۽ قومي سلامتي ۾ چين مخالف ٽيم جي باوجود، صدر ٽرمپ جو سڀ کان وڏو چئلينج 21هين صديءَ ۾ ’چين کي سمجهڻ‘ هوندو: دنيا جي ٻي وڏي معيشت 2030ع تائين آمريڪا کي پوئتي ڌڪي وڃي رھي آهي، چين آهي.چين کي تازو دي اڪنامسٽ جي ڪور اسٽوري ۾ ‘سائنسي سپر پاور’ ڪري مناسب طورپيش ڪيو آھي.گڏوگڏ چين گلوبلائيزيشن جي قيادت ڪري رهيو آهي (عالمي معيشت جي اوسر ۾  30 سيڪڙو ٻارڻ يعني فيول ڏئي رھيو آھي) ۽ موسمي تبديليءَ جي تباهيءَ سبب تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ ’گرين ڊيولپمينٽ ‘ جي اڳواڻي بھ ڪري پيو، ڇاڪاڻ جو چين هاڻي برقي گاڏين، سولر پينلز ۽ ليٿيم بيٽرين  پراڊڪشن ۾ اڳيان آهي. ان کان علاوه، گڏيل قومن جي 193 ميمبرن مان 130 اڄ آمريڪا کان وڌيڪ چين سان واپار ڪن ٿا.

تنهن ڪري، مغرب جي زوال سان گڏ؛ يوڪرين جي تڪرار کي ڪنھن روسي شڪست بعد  ختم ٿيڻ جي صورت ۾ ڏسي ڪري.غزه جي نسل ڪشي جي نتيجي ۾ آمريڪي قيادت  ۾ ’قانونن تي ٻڌل انٽرنيشنل آرڊر‘  ُٽٽي  رهيو آهي، جنھن اولھه  جي  بي حيائي، منافقت ۽ ٻٽي معيار کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. چين ۽ روس گڏيل طور تي علائقائيت  (BRI، BRICS ۽ SCO) ۽ توانائي، معيشت، بندرگاهن، پائپ لائنن، روڊن ۽ ريلويز ذريعي رابطي جي بنياد تي  ھڪ اڀرندڙ عالمي نظام جي تعمير جون سرون وڇائي ڇڏيون آھن. گلوبل ڏکڻ جيڪا دنيا جي اڪثريت، هاڻي هڪ حقيقت آهي، ۽ گلوبل سائوٿ جا نظريا اڳ ۾ ئي فلسطين، يوڪرين جي جنگ، بي آر آءِ ۽ آزاد واپار ۽ تحفظ پسندي جي باري ۾ اولهھ جي فڪر کان مختلف آهن.

بنيادي طور تي، آمريڪا چين کي ’ڪنٽرول‘ ڪرڻ  جي ڪوشش ۾ يا سيڪيورٽي تي ٻڌل ذهنيت ذريعي ’نئين سرد جنگ‘ شروع ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجو رستو وڃائي چڪو آهي. هاڻي گهڻي دير ٿي چڪي آهي ۽ اهو بدلجندڙ بين الاقوامي ماحول ۾ نه ٿو ٿي سگهي. جتي ڪشش ثقل جو عالمي مرڪز اولهه کان اوڀر ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي.نائن اليون کان پوءِ جي دور ۾، سامراجي حب الوطني جي بدولت. آمريڪا ‘دهشتگردي  خلاف جنگ’ ۾ 6.5 ٽريلين ڊالرن جو نقصان ڪيو،جنھن جو انت ختم نه ٿيندڙ آفت ۾ ٿيو. تعجب جي ڳالهه ناهي ته ٽرمپ انهن جنرلن جو ڪورٽ مارشل ڪرڻ چاهي ٿو، جن افغانستان مان آمريڪا جي ذلت ڀري واپسي جي صدارت ڪئي!ان جي ابتڙ، ساڳئي عرصي دوران، چين پنهنجي اقتصادي رياست جي ذريعي سيڙپڪاري ڪئي.جنھن ۾پاڪستان کان پيرو (گوادر پورٽ ۽ چنڪي پورٽ) تائين 3,000 منصوبن ۾ 1 ٽريلين ڊالرن جي سيڙپڪاري شامل آھي.

هن بدلجندڙ دنيا ۾، ٽرمپ انتظاميھ جي سامھون  چونڊ ڪرڻ  چٽو ٿي ويو آھي : چين جي حوالي سان آزمايل، آزمايل ۽ ناڪام پاليسيءَ تي عمل ڪريو، يا نئين حقيقتن سان ھم آھنگ ٿيو ۽ چين ۽ آمريڪا  ۾ گڏيل فائديمند لاڳاپا پيدا ڪرڻ جو طريقو ڳوليو. شايد، اهي 14 نومبر تي چين جي ھواوي جي خلاف آمريڪي ٽيڪنالوجي جي پابندين جي ناڪامي جي باري ۾ نيويارڪ ٽائمز جي اسٽوري مان ھڪ  پتي ڪڍي سگهن ٿا.  Huawei  ڪاروبار ۾ واپس اچي رھيو آھي منافعي وارو رٿا کولي رھيو آھي. ۽ پوءِ بھ  HiTech Telecom مارڪيٽ تي حاوي ٿي رهيو آهي. اهو چين-آمريڪا لاڳاپن سان گڏو گڏ عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ چڱو  ڪم هوندو، جيڪڏهن ٽرمپ انتظاميه انهن نئين عالمي حقيقتن مان  درست سبق سکي، بجاءِ ان جي جو اھا چين جي وڌندڙ نھ رڪجندڙ ”ڪنٽينميٽ“ لاءِ بيڪار مشق ۾ لڳي رھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.