لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل طرفان ڊينٽل جي ڊگري کي به پنج سالا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل طرفان ان سلسلي ۾ سمورين يونيورسٽيز کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
پي ايم ڊي سي ترجمان موجب، هاءِ ايجوڪيشن ڪميشن اڳواٽ ئي بي ڊي ايس جي ڊگري جي مدت پنج سال ڪري ڇڏي آهي ۽ هاني ڪائونسل طرفان پاڪستان جي سمورين ميڊيڪل يونيورسٽيز کي خط جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ترجمان موجب، چئن سالن جي ڊگري سبب پاڪستانين کي ٻاهرين ملڪ تعليم ۽ نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون هيون، تنهنڪري پنجون سال ڪلرڪ شپ جو هوندو جنهن بعد هڪ سال هائوس جاب هوندي.
ترجمان موجب، ته بي ڊي ايس 5 سالا ڪرڻ جو فيصلو سيشن 25-2024 کان لاڳو هوندو.
You might also like