پشاور (ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي ترجمان مشال يوسفزئي چيو آهي ته جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو احتساب ۽ جواب طلبي عمران خان ڪندو.
هڪ بيان ۾ مشال يوسفزئي چيو ته بشريٰ بي بي سياسي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ نه ئي شرڪت، بشريٰ بي بي جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني جي حڪم موجبم کيس ڊي چوڪ پهچڻو هو پر ڊي چوڪ تي پارٽي قيادت نه هئي.
ٻئي پاسي بشريٰ بي بي جي ڀيڻ مريم رياض وٽو جو چوڻ آهي ته سياسي ڪميٽي ۾ بشريٰ بي بي آئي پر کيس دعوت نه ڏني وئي هئي، بشريٰ بي بي ڪاوڙ ۾ نه مايوسي جي حالت ۾ هئي ۽ جڏهن ته کائنس سوال ڪيو ويو ته اوهان ڊي چوڪ تي ڇو نه پهتا جنهن تي بئريسٽر سيف ڪوڙ ڳالهائنيدي چيو ته پي ٽي آءِ باني سنگجاني ۾ احتجاج تي راضي ٿي ويو هو.
You might also like