رفيعه بخاريءَ جي انگريزي شاعري جو سنڌي ۾ ٿيل ترجمو، ڪتاب "پينگهو” جو تعارف

تحرير: محمد علي پٺاڻ

انگريزيءَ ۾ شاعريءَ جي ٻن ڪتابن جي خالق ڀيڻ رفيعه بخاريءَ شاعريءَ جو اُھاءُ ھن جي والد سيد اسد الله بخاريءَ جي لاڏاڻي واري ڏک سان لاڳاپيل آهي. تڏهن ھن جي عمر ٻارھن سال ھُئي.

ھن ڏک کان توڙي جو اول يعني جنم سان ئِي سنجيدگي ھن کي سُتيءَ ۾ پيل ھُئي. دنيا جھان کان الڳ پنھنجي مَنَ ۾ ھڪ نئون جھان آباد ڪيو ويٺل ھُئي. ھڪ جيڏيون رانديون کيڏن، ته ھيءَ پرڀرو ويھي ڏسي. انهن ۾ حصو نه وٺي. ٽَڪو آنو "گُڏي گُڏيءَ” مَنُ موھيسِ، پر ان کان به پنھنجا پير پري ڪري، خاموشيءَ ۾ پنھنجو پاڻ سان رھاڻيون ڪرڻ لڳي.

اٺن سالن جي عمر ۾ ناناڻڪي گهر وئي، ته ان جي مٿينءَ ڪوٺيءَ ۾ ادبي ڪتابن ۽ رسالن جا ڍير ڏٺائين.

عمر جي سمجهه آھر ٻارن لاءِ سنڌي ادبي بورڊ، پاران شايع ٿيندڙ ماھوار "گل ڦل” رسالو ٽاڪ منجهند ۽ شديد گرميءَ ھوندي وڏي دلچسپيءَ سان پڙھيائين.

۽ ان رسالي بعد ھن جو ادب سان پڙھندڙ جي ناتي تعلق جُڙيو. جيڪو جيئن وڌندو ۽ گَھِرو ٿيندو ويو، ھن جي اندر ۾ ڏک تيئن احساسن جا ويو ڪي سَلا پوکيندو.

۽ جڏهن ھن جو والد ھن جھان ۾ نه رھيو، ته ھن جي اندر ۾ ڏک جو ڏونگر اھڙي طرح ٻريو، جو ھوءَ پنھنجي عمر کان اڳتي وڌي وئي.

نائين درجي ۾ انگريزيءَ جي درسي ڪتاب ۾

Stopping by Woods on a Snowy Evening (Poem by Robert Frost)

My Lovely neem (Poem by Elsa Kazi )

پڙھيائين، ته سوچ جي آسمان ۾ ڏک جي نرالن احساسن جي نازڪ پکين جي اُڏارَ جون قطارون ٺھنديون ويس. جن لاءِ منزل تي رسڻ جو گَسُ ڌنڌ ۾ ويڙھيل ھو.

گهڻو گهڻو پوءِ ڪٿان "ڊان” اخبار پڙھيائين. جنھن ۾ ڪنھن غمناڪ خبر ڪاغذ تي ڪجهه سِٽون لکڻ تي مجبور ڪيو.

پاڙي ۾ رھندڙ ڄام جماليءَ جي ڌيءَ جي ھَٿِ ان کي پڙهي ٻڌائڻ جو چيائين ته، ان کي ادب جي ڪھڙي صنف ۾ شمار ڪجي؟، جنھن ڌيءَ معرفت ٻڌايس ته،”اھا شاعري آهي.”

شاعريءَ جي دڳ جي پروڙ پيس، ته اظھار جا نوان نوان گل ان جي پنڌَ ۾ ٽڙندا ۽ پکڙندا ويا.

ان تخليقي جستجوءَ ۾ سنڌي ڪھاڻي، ناول ۽ ڊرامي جي سر موڙ ليکڪ ۽ رشتي ۾ پنھنجي نانا بابا روشن علي تنيي جي ٽيون نمبر فرزند انجنيئر سليم اختر تنيي ڏانھن ڪجهه شعر ڏياري موڪليائين ته، ھُو اُھي ڪنھن رسالي يا ڪتاب ۾ شايع ڪرائڻ ۾ سندس مدد ڪري.

سليم اختر مونکي فون ڪئي ته،”اسان جي پڦيءَ جي گهراڻي مان ھڪ نينگري انگريزيءَ ۾ شاعري ٿي لکي، توھان اُھا شايع ڪرائڻ سندس ھيلپ ڪريو.”

مون چيو،”شاعري موڪليو.”

واٽسپ ۾ سليم اختر ان مھل ئي اُھي ڪجهه شعر موڪليا. جيڪي مون پروفيسر عبدالوحید چانڊيي، پروفيسر مختيار سمي ۽ ڄام جمالي کي ڪٿي شايع ڪرائڻ لاءِ چئي ان مھل ئي روانا ڪيا.

"سائين، ھي ته بنھين نَوَنِ ۽ انوکن خيالن واري شاعره آهي. مان ڪوشش ڪريان ٿو ڪٿي سندس ھي شعر شايع ڪرائڻ جي. پر ادڙيءَ کي چئو ته، لکندي رھي ۽ ڪتاب ڇپائڻ جي تياري ڪري. جنھن سان پنھنجي ڀرپور سڃاڻپ ڪرائي سگهندي.”

پروفيسر مختيار سمي ۽ ڄام جماليءَ به لڳ ڀڳ ھن لاءِ اھڙيون ئي اتساهه ڀريون ڳالهيون ڪيون. جيڪي مون سليم اختر جي معرفت ڀيڻ رفيعه بخاريءَ تائين پھچايون.

ان بعد هن پنھنجي تخليقي پرواز ۾ نه رڳو وڌيڪ جوش ۽ جذبو شامل ڪيو، پر ڏکن، ڳوڙھن، انساني المين، ڪاوڙ، طبقاتي سماج جي ناسورن، ماڻهوءَ سان ماڻهوءَ جي محبت جي گهٽجڻ وارن احساسن کي شاعريءَ جي نئين واٽ ۽ اسلوب سان رَلائي ڪجهه مھينن جي اندر ڪتابي صورت ڏئي، پنھنجي وڪيل ڀاءُ صعد رحمان بخاريءَ جي ھٿان مون ڏانھُن اھو چئي ڏياري موڪليو ته،”ان جي ڇپائڻ ۽ اديبن شاعرن کان وِيوزِ وٺي ڏيڻ ۾ ساڻس سھڪاري ٿِيان.”

ھي ڪتاب مون پڙھي راءِ کان آگاهه ڪرڻ لاءِ اردو ۽ انگريزيءَ جي اسڪالر، ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ ڊاڪٽر ايس ايم معين قريشيءَ ڏانھُن موڪليو. جنھن ڪجهه ڏينھَنِ کان پوءِ فون ڪري چيو ته،”ڪتاب مون پڙھي ورتو آهي. سندس شاعري نَوَنِ خيالن سان مالا مال، منفرد ۽ متاثر ڪندڙ آهي.”

ھن جي اھڙي اظھار سان مون کيس گذارش ڪئي ته،”ڪتاب جو مھاڳ اوهان لکو.”

۽ ھن اُھو ٿورڙي وقت اندر لکي موڪليو.

ان کان پوءِ گل محمد عمراڻي، مھتاب اڪبر راشدي، پروفيسر محمد ھاشم سولنگي، پروفيسر مختيار سمي، ڄام جمالي، پروفيسر عبدالوحید چانڊيي ۽ لطيف نوناريءَ  جي ڏاھپ وارن تجزين سان سنگاريل ھي ڪتاب "ڪونج اڪيڊمي” پاران ڪپتان ابڙي جي خوبصورت ٽائيٽل سان The Painful Payment جي عنوان ۾ جولاءِ 2021ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.

ڪتاب پوءِ جن جن به سڄاڻ ذھنن جي مطالعي ۾ آيو، انهن وٽان رفيعه بخاريءَ جي واکاڻ سان کيس ڀرپور موٽ ملي.

۽ ساڳي سال آڪٽوبر مھيني ۾ "ناليج سينٽر، لاڙڪاڻي طرفان ڪتاب جي مھورت جو مرحلو اڃان نه آيو ھو، ته منھنجي دوست، ڪھاڻيڪار، ڊرامانگار، ڪالم نويس ۽ ناول نگار سڪندر عباسيءَ ڀيڻ جا ڪجهه نظم ترجمو ڪري فيس بڪ تي اپلوڊ ڪيا. سندس ترجمي وارو فن مونکي گهڻو وڻيو. انڪري به ته ھن ڀيڻ رفيعه بخاري جي شاعريءَ ۾ پيش ڪيل احساسن کي ان جي روح مطابق برقرار رکي ٻي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪيو.

ڀيڻ رفيعه بخاريءَ کي به ھن جا ترجما سٺا لڳا. جنھن بعد مون اديءَ کي چيو ته،”ڇو نه کيس سڄي ڪتاب کي ترجمو ڪرڻ جو چئجي. ”

ھوءَ مون سان متفق ٿي، ته مون سڪندر کي سڄي ڪتاب کي ترجمو ڪري ڏيڻ جو چيو. جيڪو ھن قبول ڪيو.

۽ جنھن ڏينھن ڪتاب جي مھورت پئي ٿي سڪندر عباسي پنجھتر فيصد ڪتاب ترجمو ڪري اُتي کڻي آيو ۽ انهن مان ڪجهه شعر پڙھي خوب داد پڻ حاصل ڪيائين.

اُتيئي اھو طئي ٿيو، ته سڪندر عباسي جيئن ئي ڪتاب مڪمل ڪري ترجمو ڪيو ته، ان کي ٻين ڪتابن تي ترجيح ڏئي، اول شايع ڪرايو ويندو.

۽ ھاڻي جڏهن ھي ڪتاب ترجمو ٿي اسان جي ھٿن تائين رسيو آهي، ته ويھي جو حساب ڪيو اٿئون، ته صفحن ۾ اھو ڪافي ضخيم ٿو بيھي. تڏهن پڙھندڙن جي قوت خريد کي نظر ۾ رکي ڪتاب جا ٻه حصا ڪيا آهن. جنھن مان "پينگهو” عنوان وارو ھي پھريون حصو ڇپائيءَ جي مرحلي مان گذري اوھان جي ھٿن تائين پھتو آھي.

سڪندر عباسيءَ جي ڪيترين راتين جي اوجاڳن بعد ترجمو ٿي منھنجي مطالعي جي ٽيبل تي مھاڳ جي لکجڻ لاءِ آيل ھي ڪتاب ھڪ ته مون لاءِ انڪري به سرھائيءَ جو باعث بڻبو آهي، ته انگريزيءَ ۾ نشانبر ڪيل رفيعه بخاريءَ جي شاعريءَ جي جيتري تعريف ٿي ھئي ۽ ٿي رھي آھي، ان جا سنڌيءَ ۾ ڪجهه نظم ترجمو ٿي جڏهن اڳيان آيا هئا، ته اھو خواب الائي ڪٿان اُڏي منھنجي ذھن ۾ ديرو ڪري ويٺو ھو، ته جيڪر ھن جي تخيل جو ھُڳاءُ سندس مادري يعني سنڌيءَ جي پڙھندڙن جي حواسن جون ڳليون به واسي، ٻيو منھنجي محسن دوست روشن علي تنيي جي ڪُٽنب جي نياڻيءَ جو فڪر ان جي سنڌي ادب جي تاريخ جو تسلسل ليکجي.

ڪتاب ۾ پنھنجي شاعراڻن خيالن جي اُڏندَ کَٽوليءَ تي ويٺي رفيعه بخاريءَ اسان کي ڪھڙا ڪھڙا جَھانَ پسايا آهن.

سندس شاعري موضوعن، بيان، منظر نگاريءَ ۾ ته غير روايتي آهي، پر احساسن جي اُڻت ۾ به ان جو روپ سروپ جُدارو آهي. ان ۾ ڪنھن ٻئي جي خيالن جي آميزش نه آهي. ھي نِجُ پِجُ ھن جي پنھنجي دماغ جي وسعتن مان پاڻ مرادو پيدا ٿي پيل آهي. جنھن ۾ جيڏي سادگي آهي، اوڏي فڪري گَھِرائي آهي. ھوءَ شعر ٺاهي نه ٿي، پر اھي خود بخود ٺھي پوندڙ آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.