اها ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي ته گذريل ويهه سالن کان ڪمند جي پيڙائي وارو مسئلو نه حل ٿي نه حل ٿيو آهي اڃان به وقت گذرڻ سان پيچيده کان پيچيده ۽ خراب کان خراب ئي ٿي رهيو آهي. گذريل ويهه سالن کان ئي اهو مسئلو ميڊيا جو موضوع رهيو آهي ۽ ان اشوءَ تي سڀني اخبارن ايڊيٽوريل، مضمون، ڪالم ۽ سروي شايع ڪيا آهن پر مجال آهي جو حڪومت تي ان جو ڪو اثر ٿئي. ڪجهه وقت اڳ ته ڪمند جي آبادگارن باقاعدي اعلان ڪيو ته هاڻي اهي ڪمند جو فصل نه پوکيندا جو حڪومت ڪمند جي شگر ملن جي مالڪن جي مفادن جو وڌيڪ خيال ڪندي رهي آهي. ان حوالي سان عام تاثر اهو آهي ته شگر ملون جيئن ته حڪمرانن جون هونديون آهن تنهن ڪري اهي پنهنجي مفاد کي اوليت جي بنياد تي ڏسنديون آهن ۽ اهوئي واحد سبب آهي جيڪو ڪمند جي پيڙائي واري بحران کي حل نه ٿو ڪري جڏهن ته اصولي طور تي حڪمرانن کي شگر مل جي مالڪن طور نه پر سنڌ جي حڪمرانن طور سنڌ جي زراعت جي مفاد ۾ مجموعي طور سوچڻ گهرجي پر الميو اهو آهي ته اسان جا حڪمران شگر مل جا مالڪ بڻجي پنهنجي مفاد بابت سوچي رهيا آهن.
اصولي طور تي ڪمند جي پيڙائي هر سال پهرين آڪٽوبر کان شروع ڪرڻي هوندي آهي يعني پهرين آڪٽوبر کان شگر ملن جون چمنيون ٻارڻيون هونديون آهن ۽ 15 آڪٽوبر کان پيڙائي شروع شروع ڪرڻي هوندي آهي پر جڏهن کان شگر مل جي مالڪن سستي اگهه تي ڪمند خريد ڪرڻ جي لالچ ڪئي آهي تڏهن کان انهن ڪمند خريدڻ واري عمل ۾ دير جي پاليسي اختيار ڪئي آهي ته جيئن ڪمند جو فصل ڀلي ڪمزور ٿئي ته آبادگار ان کي سستي اگهه تي وڪرو ڪرڻ جي مجبور ٿين پوءِ ٿيندو ايئن ئي آهي. ڪمند جو فصل جيستائين تازو ۽ صحتمند هوندو آهي تيستائين ته اهو سٺو ملهه رکندو آهي پر جيئن جيئن اهو وقت گذرڻ سان ڪمزور ٿيندو ويندو آهي ته اهو پنهنجي طاقت به وڃائڻ لڳندو آهي ۽ خراب پڻ ٿيڻ لڳندو آهي جنهن نتيجي ۾ آبادگار مجبورن سستي اگهه تي ڪمند وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿيندا آهن. ان معاملي ۾ اڳتي هلي حڪومت به شگر مل جي مالڪن جي ساٿاري بڻجي وئي ۽ اها شگر مل جي مالڪن جي مفادن ۾ ڪمند جا گهٽ اگهه مقرر ڪيا جن سان ڪمند جي آبادگارن کي نقصان پئي پيو. اهو سلسلو جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته گذريل ويهه سالن کان هلي رهيو آهي البت گذريل پنجن سالن کان ڪمند جي آبادگارن سخت احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو آهي جنهن شگر مل مالڪن جي ظالماڻي پاليسي ۽ ورتاءُ کي شديد نموني وائکو ڪيو آهي. گذريل ڪجهه سالن کان آبادگارن ڪمند جو فصل ڪڻي ان کي ٽرڪن ۾ لوڊ ڪري روڊن ۽ شاهراهن تي احتجاج طور احتجاج طور رکي ڇڏيو آهي پر سستي اگهه تي کپائڻ جي ڪوشش نه ڪئي ائين انهن پنهنجو نقصان ضرور ڪيو پر اصولن سان سمجهوتو نه ڪيو.
هاڻي وري ڪمند جي آبادگارن چتاءُ ڏنو آهي ته مٿين سال کان اهي ڪمند جو فصل رڳو پنهنجي لاءِ پوکيندا. جيڪڏهن ڪمند جي آبادگارن واقعي به ايئن ڪيو ته پوءِ ڪمند جي فصل جو ڇا ٿيندو، ڪمند جنهن مان کنڊ پيدا ٿيندي آهي تنهن جي گهوٽالي جو ڇا ٿيندو. ڇا زراعت کاتي ان تي سو چيو آهي. جيڪي حالتون ٻڌائن ٿيون تنهن مان ته بلڪل به نٿو لڳي ته ڪو حڪومت زراعت ۽ خاص ڪري ڪمند جي پيڙائي واري ڊگهي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ سنجيده آهي. هي مسئلو رڳو ڪمند جي پيڙائي جو ناهي پر ان سان ڪڻڪ جي پوکائي وارو معاملو به ڳنڍيل آهي. ڪمند جو فصل ڪٽبو، زمين خالي ٿيندي ته ڪڻڪ پوکبي. يعني ڪمند جو فصل وقت تي نه ڪٽبو ته ڪڻڪ جي پوکائي ۾ به دير ٿيندي. اها صورتحال اڄ جي ناهي پر گذريل ويهن سالن کان اهو معاملو ايئن ئي هلي رهيو آهي.هن سال به ڪمند جي پيڙائي جيڪا پهرين آڪٽوبر کان شروع ٿيڻي هئي سا اڄ 28 نومبر تائين شروع نه ٿي سگهي آهي. مطلب ته هن سال به ڪمند جي آبادگارن جو فصل نقصان ۾ ويو، آبادگارن کي ڪروڙن جو نقصان ٿيو ۽ اڃان تائين به ڪمند جو اگهه سرڪاري طور طئي نه ٿيو آهي. ايئن هن سال به ڪڻڪ جو فصل دير سان پوکجي رهيو آهي.
هيءَ صورتحال سنڌ جي ان زراعت جي آهي جيڪا سنڌ ۽ ملڪي معاشي سگهه آهي. بجاءِ ان جي ته موجوده جديد دور ۾ حڪومت زراعت کي جديد طرز تي هلائي پر اها بحراني حالتن جو شڪار آهي. هڪ پاسي حڪومت جو زور آهي ته ملڪ کي معاشي طور سگهارو ڪجي ته ٻئي پاسي اهو حال آهي جو زراعت کي تباهي جي وڙ چاڙهيو ويو آهي. اڄ زرعي آبادگار پريشان آهن ۽ اهي اڳتي فصل نه پوکڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته حڪومت ان جو ڪو نوٽيس نه ٿي وٺي نه ئي هنگامي طور تي زراعت کي بحران مان ڪڍڻ تي سوچي رهي آهي.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ سنڌ ۽ ملڪ جي معيشت ڪيئن بهتر ٿيندي. حڪومت کي سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ جو اختيار ڪنهن ڏنو آهي، زراعت جي وزارت کان ڇو نٿو پڇاڻو ڪيو وڃي. اسان سمجهون ٿا ته اها ناسمجهي آهي ته اصل آشوز تي آواز نه اٿارجي، ان کي نظر انداز ڪجي. سنڌ جي زراعت تي مجموعي طور تي ائين ڳالهائڻ گهرجي جيئن پاڻي جي اشو کي زندگيءَ موت جو مسئلو بڻايو ويو آهي. زراعت ۾ به پاڻي وانگر ماڻهن جو ساهه آهي ٻيو ته سنڌ جي حڪومت تي زور ڀريون ته اها سنڌ جي زراعت واري معاشي سگهه کي بحال ڪري ۽ ان جي شروعات ڪمند جي پيڙائي ڪرائڻ سان ڪري ۽ ڪمند جي آبادگارن کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري.