پي ٽي آءِ اڊيالا جيل ۾ سال ٻن کان قيد پنهنجي سربراهه جي آزادي لاءِ 24 نومبر کان ڊي چوڪ ڏانهن جيڪو مارچ شروع ڪيو هو سو نيٺ ٽين رات ڊي چوڪ اسلام آباد پهچڻ تي مڊنائيٽ آپريشن وسيلي في الحال ڪال آف ٿي چڪو آهي هن مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ بشرايٰ بيبي ۽ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور پنهنجيون جانيون بچائي خيريت سان واپس پشاور پهچي ويا آهن۔چيو وڃي ٿو ته ڪجهه حلقن کين ڳجهو اطلاع ڏنو هو ته سندن ڪنٽينر تي ڪجهه گهڙين اندر حملو ٿيڻ وڃي رهيو آهي ۽ جيئن ڪنٽينر مان ٻاهر نڪتا ته هٿياربندن ڪنٽينر کي باهه ڏني جيڪو ڪجهه ئي لمحن ۾ سڙي خاڪ ٿي ويو ۽ رات جي وڳڙي هجڻ ڪري انڌاڌنڌ شيلنگ ۽ فائرنگ شروع ٿي وئي جنهن سان هٿين خالي مظاهرين پنهنجو سڀ ڪجهه اتي ڇڏي جانيون بچائڻ ۾ لڳي ويا پوءِ به وڏي انگ ۾ مظاهرين فوت ٿيا يا زخمي ٿيا جيڪي گهڻي دير تائين ڊي چوڪ تي بي يارومددگار تڙپندا رهيا۔
اهڙي طرح مظاهرين جي گاڏين کي به نقصان پهچايو ويو جيڪي گاڏيون اتي ڇڏي ميدان خالي ڪري هليا ويا اهڙي طرح حڪومت جي خاص ڪري وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي اها دعويٰ سچ نڪتي ته ڪو به مظاهرين ڊي چوڪ کان بچي نه نڪرندو۔اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڊي چوڪ جي آس پاس عمارتن ۾ خاص سنيپر ويهاريا ويا هئا جن وجهه وٺي فائرنگ ڪئي جنهن کان اڳ پورو علائقو خالي ڪرايو ويو هو ته جيئن مقامي ماڻهن جو ڪو به نقصان نه ٿي سگهي۔
پي ٽي آءِ سربراهه جي آخري ڪال ڪامياب ٿي يا فلاپ ٿي اهو به هڪ سوال آهي جنهن ۾ اهو مطالبو کڻي ٻاهر نڪتي هئي ته اهي عمران خان کي آزاد ڪرائي پاڻ سان گڏ وٺي ويندا پر هتي ته معاملو ئي ٻيو ٿيو جو ڪي پي ڪي جا پٺاڻ پنجاب جا پنجابي بلوچستان جا بلوچ ۽ سنڌي رانديگر هٿين خالي واپس هليا ويا ۽ محسن نقوي في الحال ڪاميابي ماڻي پر پوري دنيا پي ٽي آءِ احتجاج کي ڪامياب سڏي رهي آهي جو مظاهرين اٽڪ پل ۽ ٻيون رڪاوٽون هٽائي ڊي چوڪ تي پهچڻ وارو عزم پورو ڪيو ۽ پهچڻ ۾ ڪامياب ويا اها الڳ ڳالهه آهي ته طاقت جو استعمال ڪيو ويو جڏهن ته مظاهرين بي هٿيار هئا۔ جيڪڏهن وٽن هٿيار هجن ها ته وڏو نقصان ٿئي ها جنهنجي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ن ليگ جي وزيرن دعويٰ ڪئي هئي پر مڊنائٽ آپريشن دوران هٿيارن جي موجودگي جو ڪو به اهڙو واضح ثبوت نه مليو آهي سواءِ گليلن جي۔
پوري دنيا هن مڊنائيٽ آپريشن تي سوال اٿاريا آهن ته اهو نه ٿيڻ گهرجي ها جنهن سان انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي آهي۔نه صرف پاڪستان ۾ پر سڄي دنيا ۾ عمران خان جي آزادي لاءِ پرامن مظاهرا ڪيا ويا آهن۔ڊي چوڪ تي مڊنائٽ آپريشن انوقت ڪيو ويو جڏهن مظاهرين جي اڪثريت رات جي ماني کائڻ ۾ مصروف هئي يا وري ٽن ڏينهن جي ٿڪاوٽ سبب آرامي هئا ۽ اوچتو فائرنگ ۽ شيلنگ شروع ٿي وئي۔
ن ليگ پنهنجي دور حڪومتن ۾ ڪڏهن به ڪا مفاهمتي سياست يا جمهوري انداز ۾ حڪومت ناهي ڪئي سواءِ اقتدار ۾ زور زبردستي رهڻ جي، نه وري ڪڏهن آئين قانون جو ڪو احترام ڪيو آهي يا انصاف جي فراهمي ۽ جمهوريت جو تسلسل برقرار رکڻ لاءِ ڪو پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪيو اٿس سواءِ پنهنجي گلوبٽن کي اڳيان آڻڻ جي جن ڪجهه سال اڳ به پنهنجي دور حڪومت ۾ ماڊل ٽائون وارو واقعو ڪرايو جنهن ۾ لڳ ڀڳ 20 کن مظاهرين شهيد ڪيا ويا هئا ۽ سوين زخمي ٿيا هئا۔ ان کان علاوه سپريم ڪورٽ تي حملو ڪرائي چيف جسٽس سميت عدالت ۾ موجود ججن کي يرغمال بڻايو ويو هو ۽ ڪالهه رات وري مڊنائٽ آپريشن جي نالي ۾ پي ٽي آءِ جي پرامن مظاهرين کي بربريت ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو جيڪو پوري دنيا سوشل ميڊيا ۽ پرڏيهي نشرياتي ادارن وسيلي ڏٺو۔
مظاهرين ٽئين رات جو ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ پنهنجي قائد اڳوڻي وزيراعظم جي آزادي لاءِ پهتل هئا جيڪو سندن جمهوري ۽ سياسي حق هو۔ جمهوريت جي بقا ۽ آئين جي بحالي لاءِ پي ٽي آءِ جو 2014 کانپوءِ ڊي چوڪ وارو هي سڀ کان وڏو احتجاج ۽ ڌرڻو هو جنهن ۾ چئني صوبن مان پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو هڪ وڏو هجوم سندن رستي تي وڌل سخت ترين رڪاوٽون پوليس ۽ رينجرس سان مزاحمت ڪندي ختم ڪرائيندي ڊي چوڪ پهتا هئا جڏهن ته حڪومت جي دعويٰ هئي ته احتجاجي ٽولن ۾ ڏوهاري ۽ دهشتگرد شامل آهن جن وٽ خطرناڪ هٿيار آهن۔بقول حڪومت جي ته مظاهرين جي تشدد سبب هڪ پوليس وارو ۽ چار رينجرس جا جوان شهيد ٿيا آهن جڏهن ته وڏي انگ ۾ جوان مظاهرين جي هٿان زخمي ٿيا آهن۔وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ صحافين سان بلند آواز ۾ ڳالهائيندي وضاحت ڪئي ته جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ڊي چوڪ ڌرڻي کي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو هو پر ٻي قوت عمران خان جي اهڙي خواهش تي عمل ڪرڻ لاءِ راضي نه هئي سندس اشارو بشريٰ بيبي طرف هو جيڪا پشاور کان مظاهرين جي قيادت ڪري رهي هئي ۽ هن پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته جيستائين عمران خان کي آزاد نه ڪرائبو تيستائين ڊي چوڪ تان واپس نه ورندو ۽ حڪومت به پهريان کان رٿابندي ڪري ڇڏي هئي ته مظاهرين کي مارڻ مرڻ بنا نه ڇڏبو جنهن لاءِ هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ان فيصلي جو ذڪر پڻ ڪيو هو ته حڪومت کي هر حالت ۾ اسلام آباد ۾ امن قائم ڪرائڻو پوندو پوءِ کڻي ڪهڙا به سخت قدم کڻڻا پون۔
چيو وڃي ٿو ته پي ٽي آءِ جا ڪجهه مک اڳواڻ پڻ احتجاج جو رخ تبديل ڪرڻ ۽ ٻئي هنڌ احتجاج ڪرڻ جي حق ۾ هئا پر بشريٰ بيبي ۽ علي امين گنڊاپور جي ضد مظاهرين کي ڊي چوڪ طرف ڌڪيو جيڪو سندن هدف ۽ عمران خان جي خواهش هئي۔
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان اٻهرائي ۾ فائنل ڪال جو سڏ ڏنو۔احتجاج جا ٻيا به طريقا هئا ۽ پي ٽي آءِ ڪيا به آهن پر هي ڪال جذباتي هئي ۽ ان وقت ڏني وئي جڏهن پاراچنار ۾ شهادتون ٿيون ۽ اسلام آباد ۾ بيلاروس جو صدر اچڻ وارو هو جنهن کي به حڪومت موضوع بڻايو۔اسلام آباد ۾ هي ڪو پهريون احتجاج يا ڌرڻو نه هو هن کان اڳ پ پ پ جي يو آءِ ۽ ٻين سياسي توڙي مذهبي پارٽين ڪيا آهن پر هي پهريون ڀيرو آهي جو ڊي چوڪ تي رت وهيو آهي جيڪو وهڻ نه گهرجي ها۔پي ٽي آءِ کي اهو يقين هو ته حڪومت مخالف سياسي پارٽيون سندن احتجاج ۾ شامل ٿينديون پر انهن به وقت اچڻ تي ٽارو ڪيو ۽ پي ٽي آءِ اڪيلي رهجي وئي۔
بهرحال حڪومت پرامن مظاهرين تي تشدد ۽ بربريت جو مظاهرو ۽ سڌي فائرنگ ڪري ڪو دنيا کي سٺو پيغام ناهي ڏنو جنهن سان دوست ملڪن ۽ انساني حقن جي عالمي ادارن وٽ ڪو سٺو تاثر پئدا ٿيندو۔هونئن به پاڪستان جي سياست جمهوريت انصاف ۽ عدالتي ادارن لاءِ ڪو سٺو تاثر پئدا ٿيل ناهي جو هتي حڪومتون جمهوريت جو تسلسل ناهن رهيون، اقتدار تحفي ياري سنگت ۾ ملندا آهن اهوئي سبب آهي جو پ پ پ ۽ ن ليگ جو ووٽ بئنڪ ختم ٿي چڪو آهي ۽ اقتدار ووٽن بدران ٻين ذريعن سگهارين قوتن وسيلي ملي ٿو۔فيبروري وارين عام چونڊن جا نتيجا به تڪراري بڻيل آهن۔هونئن به جن جو مينڊنٽ زوري ڦٻايو ويندو رڙيون ته ضرور ڪندا۔جيڪڏهن پي ٽي آءِ رڙيون ڪري ٿي ۽ احتجاج ڪري ٿي ته ان سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن تشدد واري سياست سان سياسي ڌرين جا هٿ ڪڏهن به مضبوط نه ٿيندا۔پي ٽي آءِ جي مک قيادت جن ۾ بشري بي بي علي امين گنڊاپور ۽ عمر ايوب جو ڌرڻي مان سلامتي سان نڪري وڃڻ ۽ پريس ڪانفرنس ۾ جيئرو جاڳندو شريڪ ٿيڻ به سوال پئدا ڪري ٿو ته کين ڪهڙين قوتن جو اڳواٽ پيغام پهتو جو اهي ڪنٽينر خالي ڪري اتان ڀڄي نڪتا ۽ ڪارڪنن کي بي يارومددگار ڇڏيو۔ايئن چوڻ ۾ واڌارو نه ٿيندو ته پي ٽي آءِ قيادت ڪارڪنن کي رڻ ۾ اڪيلو ڇڏي پاڻ محفوظ رستن وسيلي اتان ڀڄي نڪتي۔
رهيو سوال پي ٽي آءِ ڊي چوڪ احتجاج اهو ڪڏهن به فلاپ نه سمجهيو ويندو جو حڪومتي آپريشن لڪ چوري رات جي وڳڙي ۾ هٿين خالي مظاهرين تي ڪيو ويو جيڪو نه ڪرڻ کپندو هو مظاهرين کي ڳالهين وسيلي مطمئن ڪرڻو هو۔حقيقت ۾ حڪومت پنهنجي شڪست تسليم ڪري ۽ اڃا به وقت ناهي ويو پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪري سياسي مسئلي جو حل سياسي ۽ جمهوري طريقي سان ڪڍيو وڃي جو ملڪ غيرمستحڪم ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي۔مڊنائٽ آپريشن بعد اسلام آباد جون رونقون ٻيهر بحال ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن۔مڊنائٽ آپريشن ڪرڻ ۽ امن جي بحالي لاءِ ملڪ جي مختلف حصن مان گهرايل ٽيهه هزار جي لڳ ڀڳ فورس ڪالهه اسلام آباد ۾ فليگ مارچ ڪري جشن فتح ته ملهايو پر انهن شهيدن جو ڇا ٿيندو جن جو رت ڊي چوڪ تي ڦهليل آهي ۽ متاثر خاندانن جي گهرن ۾ شايد ئي چلهه ٻري جنهن جو جواب پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ئي ڏئي سگهي ٿي۔