ملڪ ۾ عام چونڊن جو مقصد عوامي راءِ وسيلي عوام لاءِ حڪومت جوڙي سياسي ۽ معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ هوندو آهي۔ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ چونڊن تي هر ڀيري قومي خزاني مان اربين روپيا خرچ ڪيا ويا۔2023 جي چونڊون تي بنسبت 2008-2013 ۽ 2018 جي سئو سيڪڙو وڌيڪ خرچ آيو۔سرڪاري انگن اکرن موجب 47 ارب41ڪروڙ73 لک روپيا۔هي اهي انگ اکر آهن جيڪي اڳواٽ قومي اسيمبليءِ ۾ پارلياماني معاملن جي وزارت ٻڌايا ۽ چونڊن کانپوءِ ته اڃان تفصيل ڪي ٻيا هوندا اميدوارن جي غيرسرڪاري خرچن ۾ فقط ميڊيا کي جاري ڪيل اشتهارن جو انگ 500ارب روپيا ٻڌايو پيو وڃي۔هيڏي وڏي رقم خرچ ٿيڻ جي باوجود به ملڪ سياسي انتشار مان آجو ٿي ڪين سگهيو۔77سالن جي طويل تاريخ ۾ اسان کي ڪنهن به دور ۾ سياسي استحڪام نظر نه ايندو۔
پاڪستان جو 24ڪروڙ 25لک عوام جن اڻ ڪيل گناهن جي سزا نسل در نسل ڀوڳيندو پيو اچي ان جو هڪ وڏو سبب سياسي استحڪام جو نه هئڻ آهي۔
تباه ٿيل معيشيت،مهانگائي،بيروزگاري،ملڪي ۽ غيرملڪي سرمائيدارن جي پاڪستان ۾ سرمايا ڪاري ڪرڻ جي حوالي سان عدم دلچسپي ۽ اهڙيون ٻيون جيڪي به مصيبتون اسان کي ملڪي تاريخ ۾ نظر اچن ٿيون تن جو سڀ کان وڏو سبب سياسي انتشار آهي جيڪو پهرين ڏينهن کان ملڪ کي ول جيان وڪوڙي ويو ۽ اڄ وڌي وڻ ٿيو آهي۔54 سال اڳ لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جي ابتدا ٿي ۽ اڄ ڪالھه سياسي لانگ مارچن ۽ ڌرڻن اها شڪل اختيار ڪئي آهي جو ملڪ سڄو مفلوج ۽ اربين روپين جا نقصان تنهن کانسواءِ۔مختلف وقتن تي ٻه وڏيون سياسي پارٽيون پ پ پ ۽ مسلم ليگ نواز شريف هڪٻئي خلاف لانگ مارچ ۽ ڌرڻا هڻنديون رهيون آهن۔1996 ۾ جماعت اسلامي اسلام آباد ڏانهن ملين مارچ ڪيو جنهن کي بنياد بڻائي صدر فاروق لغاري محترمه بينظير جي حڪومت کي برخواست ڪري ڇڏيو،ان کانپوءِ 2008۽ 2009 به ڌرڻن جا سال رهيا پر پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان طويل ۽ مهانگو ڌرڻو تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ هنيو جيڪو 126 ڏينهن جاري رهيو۔هي ملڪي تاريخ جو نه فقط وقت جي لحاظ کان طويل پر خرچ جي حوالي کان به وڏو ڌرڻو هيو يعني فقط ڌرڻي وارن جي کاڌي پيتي جو خرچ ويهھ لک روپيا روزانو ۽ آخري ڏينهن ۾ پنج لک روپيا روزانو،126 ڏينهن جو سائونڊ سسٽم جو بل 14ڪروڙ روپيا،ٽرڪس ٻين گاڏين ڊيزل ۽ پئٽرول جو خرچ تنهن کان سواءِ۔هڪ سئو کان وڌيڪ وڏا جنريٽر ڌرڻي کي بجلي فراهم ڪري رهيا هئا جڏهن ته هڪ جنريٽر جو روزانو ڪرايو 15 هزار روپيا ۽ هڪ جنريٽر هڪ ڪلاڪ ۾ ويهھ لٽر تيل ٿي ساڙيو۔ٻين ڌرڻن مان عام ماڻهن کي ڪهڙو فائدو پهتو ۽ انهن جي زندگين ۾ ڪهڙيون مثبت تبديليون آيون يا سهولتون مليون؟محقق ڪيتري به تحقيق ڇونه ڪن پر نتيجي ۾ ماڻهن لاءِ اڃان وڌيڪ پريشانيون پيدا ٿيندي نظر اينديون ڪا چڱي خبر نه ملندي۔2014
واري ڌرڻي لاءِ انتظام سنڀاليندڙن مان هڪ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اسلام آباد ۾ ڌرڻي لاءِ پنجاه هزار ماڻهو شريڪ ٿين ته انهن جو فقط پنجن ڏينهن جو خرچ 15کان 20ڪروڙ ٿي سگهي ٿو يعني هن ڌرڻي ۾ اربين روپيا خرچ ڪيا ويا۔هاڻي اصل سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته ان مان عوام کي ڇا مليو۔تحريڪ انصاف وفاق،ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ حڪومت ته هٿ ڪري ورتي پر معاشي بدحالي ۽ مهانگائي ته ماڻهن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا۔ماڻهن جي ڀلائي طرف توجهھ ڏيڻ بدران حڪمرانن جو سڄو ڌيان ڪيسن،ڪورٽن، ٿاڻن،نيب ۽ ٻين ايجنسين جي مدد سان مخالفن کي چٿڻ طرف رهيو۔
پاڪستاني سياست ۾ بالغ نظري ۽ مثبت سوچ نه هئڻ جي برابر رهي آهي۔هي حڪومت به اهو ڪجهه ڪري رهي آهي جيڪو ماضي ۾ هنن خلاف تحريڪ انصاف ڪندي رهي۔سياستدانن جي انهن ڌرڻن ۽ هڪٻئي خلاف انتقامي ڪاررواين مان عوام کي ڪوبه فائدو ڪونهي ويتر نقصان ٿي رهيو آهي۔جيئن ڏسو بشريٰ بيبي جي قيادت ۾ تحريڪ انصاف جي هاڻوڪي ڌرڻي مان وريو ته ڪجهه به ڪين پر هن يا هن کان اڳ ڌرڻن کي روڪڻ لاءِ جيڪو خرچ پڌرو ڪيو ويو آهي سو حيرت جوڳي آهي۔سرڪاري پڌرائي موجب 18 مهينن ۾ تحريڪ انصاف جي ڌرڻن ۽ احتجاجن کي منهن ڏيڻ لاءِ 2ارب 70ڪروڙ روپيا خرچ ٿيا آهن۔گذريل ڇهن مهينن جي احتجاج تي سرڪار جا هڪ ارب 20 ڪروڙ روپيا خرچ آيا۔سرڪاري انگن اکرن موجب 80ڪروڙ ڪنٽينرز جو ڪرايو،90ڪروڙ سيڪيورٽي،هڪ ارب پوليس جي کاڌي خوراڪ ۽ ٽرانسپورٽ تي ۽ 30 ڪروڙ ايف سي ۽ فوج کي مقرر ڪرڻ تي خرچ ٿيو۔قومي خزاني مان اربين روپيا فقط سياستدان هڪٻئي جي ڄنڊاپٽ تي خرچ ڪن ٿا جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته عوام کي ڪيڏو وڏو نقصان ٿئي ٿو!!ڇوته هي عوام جو ئي پئسو زيان ٿي رهيو آهي۔
عوامي خوشحالي ۽ استحڪام عوام کي نه چونڊون ڏئي سگهيون ۽ نه ئي ڌرڻا۔ماڻهو معاشي طور ڏينهون ڏينهن پريشاني جو شڪار ٿيندا پيا وڃن۔سياستدان فقط ڳالهين جي حد تائين ماڻهن کي سبزباغ ڏيکاريندا رهيا آهن پر عملي طور انهن تي اقبال جون هي سٽون سئوفيصد صادق اچن ٿيون؛
اقبال بڙا اپديشڪ هي من باتون مين موھ ليتا هي،
گفتار ڪا يه غازي تو بنا ڪردار ڪا غازي بن نه سڪا۔
سياسي انتشار جو سڄو ملبو اڪثر آمريتي دور مٿان اڇلايو ويندو آهي ۽ ائين ڪنهن حد تائين صحيح به آهي پر ڳالھه کي مختصر ڪندا هلون ته غيرسياسي قوتن جي اچڻ لاءِ سازگار ماحول به هردور ۾ سياستدانن پئي پيدا ڪيو آهي پر 2008 کان اڄ ڏينهن تائين ته ملڪ مسلسل سياستدانن حوالي آهي ۽ ان کان اڳ به ٻه دور سياستدانن جا گذري چڪا آهن۔ڇا سياسي انتشار،معيشت جي تباهي،ماڻهن لاءِ مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي ذميواري انهن مٿان لاڳو نه ٿي ٿئي،هو تاريخ جي ورقن ۾ ڪيئن پاڻ کي آجو قرار ڏئي سگهندا۔عوام جا اربين روپيا چونڊن تي خرچ ٿيا،اربين روپيا ڌرڻن تي ۽ قومي خزاني جا اربين روپيا ڪيسن،ڪورٽن ۽ وڪيلن تي۔ماڻهو ايترو ته ضرور پڇڻ جو حق رکي ٿو ته”اسان کي ڇا مليو؟“۔