ڊگهن وارن واري فوج جي يادگيري

تحرير:ذوالفقار راڄپر

مان پنهنجي ڪنن ۾ ريگل چوڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين سنڌ جي ڊگهن وارن واري فوج جي سنڌو درياهه بادشاھ تي حملن خلاف شروع ڪيل جنگ جي وڄايل نغارن ۾ بلند ٿيل نعرن جي پڙاڏن جي گونج سمهڻ نه ڏنو ۽ رات ۾ هڪ هلڪي عجيب بي قراري سان گڏ اميدن، سنڌ جي مستقبل جي ڪاميابين جا ڏيئا ٻري پيا، مان کي پهريون دفعو آڌي رات جو ڪا به اڃ محسوس نه ٿي ۽ نه ئي دل ۾ ڪا ويراني نظر آئي، بس سنڌ جي حقيقي پورهيت، وطن دوست رهبر، مارڪسي فلسفي کي چين بعد سنڌ ۾ نئين انداز ۾ فڪر پليجو ۾ ضم ڪندڙ ۽ هر ذاتي، قومي ۽ طبقاتي جدوجهد خلاف سازش جو فڪري، ذهني ۽ جسماني حملن ۽ الزامن کي پنهنجن پيرن هيٺان لتاڙيندڙ عظيم عوامي اڳواڻ جي وڇوڙي جي درد جي پيڙا جي ڀوڳنائن ڪجهه وقت لاءِ اڪيلو ۽ اوپرو ٿيڻ جي ڌٻڻ طرف گهلڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڊگهن وارن واري فوج جي مارچ جي جنگي نغارن ۽ نعرن منهنجي دل ۽ دماغ مان پليجي صاحب جي جسماني وڇوڙي جي درد واري دز مٿان انقلاب ۽ آزاديءَ جون شمعون روشن ڪري ڇڏيون منهنجي ڪمري جي اونداهي ۾ هر طرف ڳاڙهي روشني ڦهلجي وئي..

مان اڪثر چوندو آهيان ۽ لکيو به آهي ته سنڌ ۽ پاڪستان جي کاٻي ڌر جي سياستدانن ۾ رسول بخش پليجو اڪيلو سماجي سائنسدان هو، جنهن خاص طور سنڌ مٿان قابض ٿيل جمهوري ۽ وڏيرڪي قوم پرستي جي بتن ۽ سياسي حويلين مٿان پنهنجي قومي ۽ طبقاتي فڪر جا وار ڪري انهن ۾ ڏار وجهي سنڌي شاگردن، هارين، ٻارن، مزدورن کي نج سائنسي مارڪسي، لينني ۽ فڪر مائوزي تنگ جي تعليم جي روشني ۽ انقلابن جي آزمايل نسخن جي بنياد تي نه فقط منظم ڪيو پر جدوجهد جي هر ميدان تي لاهي سنڌ جي حفاظت ڪئي، پر هن سنڌي ويس پاتل مارڪس، اينگلس، لينن، مائوزي تنگ ۽ هوچي منهه سماجي سائنسدان سنڌ جي غليظ ترين جاگيرداري، سرداري، ڀوتارڪي، قبيلائي دهشتگردي واري عورتن جي قاتل سماج ۾ سنڌو تهذيب جي پنجن، ستن هزارن سالن جي عرصي ۾ تاريخي طور ” سنڌياڻي تحريڪ” جي ايجاد ڪري ڀوتارڪي، جاگيرداري جرڳائي نظام جي ڪوٽن ۽ حويلين کي  ڌوڏي ڇڏيو، سنڌ تي ۽ پاڪستان تي قابض جمهوريت پسندن، نقلي قوم پرستن، ترقي پسندن ۽ هاري اڳواڻي جي دعويدار شخصيتن جون ننڊو حرام ڪري ڇڏيون.

اسان جي صحافي ۽ ترقي پسند دوست يونس مهر پنهنجي آفيس ۾ استاد رسول بخش پليجو ۽ سنڌياڻي تحريڪ جو ذڪر ڪندي ٻڌايو هو ته جڏهن ايوبي آمريت ۽ ون يونٽ خلاف تحريڪ جي سلسلي ۾ جيڪب آباد آيو هو ته هن جيڪب آباد جي تاريخ ۾ پهريون دفعو عورتن جي هڪ سٺي تعداد کي احتجاج ۾ ميدان تي آڻي انتهائي پسمانده شهر ۾ سياست ۽ مزاحمت ۾ عورتن جي شرڪت جا بج ڇٽي ويو. بلڪل يونس واري ڳالھه درست آهي ۽ بعد ۾ ان ٻج جا سلا تنگواڻي، ٺل، ڪرم پور ۾ سٺن فصلن جي صورت ۾ ائين ظاهر ٿيا جو ٻاهرين دنيا ۾ جديد تعليم حاصل ڪندڙ هڪ مرحوم جمهوريت دوست سردار ۽ وفاقي وزير کي هڪ جرڳي ۾ ننڍڙيون نينگريون سڱ چٽي ڏيڻ خلاف سنڌياڻي تحريڪ جي احتجاج ۽ سپريم ڪورٽ طرفان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ڪري روپوش ٿيڻو  ۽ لڪڻو پيو، اهڙي اتر سنڌ جي ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين شهرن مان عورت دشمن، قاتل ، جرڳائي سردارن جي علائقي مان استاد رسول بخش پليجو ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻي ۾ ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌو ندي مان ڌاڙيل واهه کوٽڻ خلاف ڪراچي تائين تاريخي لانگ مارچ ڪيا ويا، قاسم آباد کان لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ تائين مشرف جي دور ۾ ڪورٽن جي آزادي کان وٺي سنڌ جي شهرن تي قبضن خلاف بغير ڪنهن ٻاهرين امداد ۽ ايجنڊا تحت سون ۽ هزارن جي تعداد ۾ پوليس ۽ ٻين ادارن سان دوبدو جنگ،جا مثال قائم ڪيا. پنهنجي قائد کي هٿيارن جي سلامي کان وٺي درياهه جي بچاءُ بندن جي حفاظت لاءِ رات ڏينهن بندن تي پهرا ڏنا ۽ موٽر سائيڪل جي سکيا کان وٺي انقلابي گيتن تي رقص جون رسمون ادا ڪيون، اهڙا مثال بلوچستان کان وٺي پنجاب ۽ پختون خواہ تائين ڪنهن به عوامي انقلابي جماعت قائم نه ڪري سگهي آهي.

سنڌ جي فاطمه پليجو کان وٺي ممتاز نظاماڻي، حور پليجو، زاهده شيخ، عمره سمون، کان وٺي پرهه سومرو، نور بانو ملاح، ساجدہ پرهياڙ وغيره تائين کوڙ سارن نالن وارين ڊگهن وارن واري فوج جي ڪمانڊرن ۽ سپاهين تائين جيڪي داستانن جا قصا حال ۽ ماضيءَ جي تاريخ ۾ موجود آهن، انهن ۾ ماءُ، ناول، نوجوانن جو گيت، جي ماريا نه موت، اشرف دهقاني، ليلا خالد جهڙ ڪردار موجود آهن، ادي فاطمه پليجو گذاري وئي، اهو به انقلابي ناول جو هڪ باب لکجي نه سگهيو، ادي حور به لکي ٿي، پر ان ۾ تيزيءَ جي ضرورت آهي، زاهده شيخ جا ته اسان به شاهد آهيون ته هن ڪيئن سنڌ جي جيني جو ڪردار ادا ڪيو.  استاد رسول بخش پليجو جي نج سائنسي انقلابي تربيت جي بڻياد تي جيڪا سنڌياڻي تحريڪ جي ايجاد ڪئي، ان ۾ هن پنهنجي خاندان جي عورتن جيجي زرينه بلوچ، اختر بلوچ، غلام فاطمه ۽ حور پليجو کي صدين جي بيٺل گندي عورت دشمن جاگيرداري، سرداري نظام جي سينواريل پاڻي ٿرٿلو آڻڻ لاءِ ان ۾ لاٿو ۽ هن سان گڏ شهيد فاضل راهو پڻ پنهنجي گهر جي نياڻين کي انهن سان ساٿ ڏيڻ جي لاءِ اڳتي آندو. فاضل راهو شهيد ٿي ويو، پويان هن جي ٻجن جا نسريل سلا سڙي ويا، پر پليجو سنڌياڻي تحريڪ جي قافلي کي اڳتي ائين وڌائيندو رهيو، جو ريگل چوڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ڊگهن وارن واري فوج جي مارچ جا ڻبل وڄندي ائين محسوس ٿيو ته ننڍڙي ٻارڙي کان جوان ڇوڪرين ۽ پوڙهين سفيد پوش، غريب عورتن جي جوش ۽ نعري ۾ عورتن جي جٿن ۾ سندن قائد رسول بخش پليجو زنده آهي ۽ کين انقلابي تنظيم ۽ ضابطي جون هدايتون ڏئي رهيو آهي، سندس جسماني وفات سان هن جي قبر نه وڪرو ٿي سگهي نه فڪر وڏيرن جي جهنڊن ۾ لڪي ويو آهي.

استاد رسول بخش پليجو سنڌياڻي تحريڪ کي قائم ڪري ٿر جي ڪولهين، مينگهواڙن ۽ ڪنڌڪوٽ ڪشمور، قمبر، لاڙڪاڻي، سکر، بدين، ٺٽي، ابراهيم حيدري، گلشن اقبال، ڪلفٽن وغيره ڪراچي تائين سنڌ جي عورتن کي ڪنهن فائيو اسٽار جي هوٽلن، منرل واٽر جي بوتلن ۽ ٿڌين گاڏين ۾ ٻاهرين امداد جي روپين جي آڌار تي آرام ده ليڪچر ڏيڻ ۽ عورتن تي تشدد جي قصن ۽ انگن اکرن ۾ ڦاسائڻ بدران کين سکر جي گرمي ۽ ٿر جي واري وارن گهرن ۾ عالمي انقلابي ويڙه جي هڪ دستي بڻجڻ ۽ سنڌ جي قومي طبقاتي حقن ۽ فڪر سان هٿيار بند ڪري سنڌ جي پاڻي، شهرن جي حفاظت ڪندي ڀوتارن جي سڱ چٽين وارن جرڳن کي پيرن هيٺان لتاڙڻ جي نظرياتي هٿيار بند تربيت ڪري عورت، هاري، مزدور، ٻار دشمنن، سنڌ جي شهرن تي قابض دهشتگردن ۽ فڪري طور انقلابي قوتن جي دشمنن جي سامهون بيهارڻ جي جرئت ڪئي، ان جي کيس قيمت به ادا ڪرڻي پئي. هن جي شخصيت مٿان جاگيردار عورت دشمن اخلاقيات جا الزام هڻي، سنڌ جي انقلابي قوتن جي پرجوش فردن ۽ ماحول کي اسلام آباد، ڪراچي، لاهور جي آرامده گهرن، هوٽلن، گاڏين جي چمڪ تي خريد ڪري سندن صلاحيتن ۽ سنڌ جي عورتن جي حقيقي نجات واري جذبي کي نيست نابود ڪري ظلمن جي قصن، ڪهاڻين ۽ افسانن پويان لڳائي کين پوليو جي مرض ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. انهن سمجهو ته هاڻي سنڌ جي عورت انقلاب ۽ آزادي جي طلبگار نه ٿيندي، پر سنڌي ڊگهن وارن واري فوج ڪراچي ۾ سنڌو درياهه جي حفاظت لاءِ جيڪا مارچ ڪئي انهن هڪ دفعو وري ڪيترن ئي محلن ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏي آهي، ان جي مقابلي لاءِ نقلي ميدان ۽ ڪردار سامهون اچي رهيا آهن، جيڪي هڪ مهمان اداڪار جو ائين ڪردار ادا ڪري غائب ٿي ويندا، جيئن اول ٻيا به آيا ۽ ويا، پر ان کان اڳ به سنڌياڻي تحريڪ جرڳن، سردارن، ڀوتارن، قبيلائي دهشتگردي خلاف ۽ سنڌ جي قومي جدوجهد مان اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اڳتي به ڪندي رهندي، اها ڪنهن عقيدي جي ڳالهه نه پر نج سائنسي ڳالھه آھي، جيڪا سمجهڻ لاءِ اسان کي انقلابن جي تاريخ پڙهڻ سان گڏ سائنس ۽ فلسفي سان ٿوري ياري رکڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.