اسلام آباد ۾ ٿيل وڳوڙن جو ڪيس ڪنهن تي داخل ڪجي؟

تحرير: ذوالفقار راڄپر

پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جيل مان ويهي پنهنجي آزادي خاطر ڪارڪنن کي اسلام آباد طرف مارچ ڪرڻ جو سڏ ڏنو۔ ڪي پي ڪي کان وڏي وزير امين گنڊاپوري جي اڳواڻي ۽ پنجاب مان عمران خان جي گهرواري قافلا وٺي قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندي اسلام آباد ۾ داخل ٿيا۔ اسلام آباد ۾ قافلا پهچڻ بعد سڄو ڏينهن احتجاج جاري رهيو، جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز سان چڪرين ۽ مختلف واقعن ۾ 4 رينجرز اهلڪار شهيد ٿي ويا، ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته مزاحمت ڪندي پي ٽي آءِ به چار ڪارڪن پڻ مارجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي.

خيبرپختونخواهه کان ايندڙ پي ٽي آءِ جو قافلو اسلام آباد جي 26 چونگي پهچي ڊي چوڪ کان زيرو پوائنٽ پهتو، جتي پوليس  کين اڳتي وڌڻ کان روڪيو پر مظاهرين پوليس جي هڪ به نه ٻُڌي۔ پوليس مجبور ٿي مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ سخت شيلنگ ڪئي، جڏهن ته ڪارڪنن طرفان ڀرپور پٿراءُ ڪيو ويو ۽ پوليس پاران ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪري کين پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو. پوليس چڪرين بعد پي ٽي آءِ جا ڪارڪن هٿن ۾ ڏنڊا کڻي افراتفري وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو.

بي بي سي موجب پوليس ڊي چوڪ مڪمل طور تي خالي ڪرائي ڇڏيو پر پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو ان جي ڀرپاسي وارن علائقن خاص طور تي ايف 6 ۽ شهيد ملت واري علائقي ۾ احتجاج جاري رهيو ۽ وقت بوقت ڊي چوڪ ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش جاري رکي جيئن ئي ڪا پوليس جي گاڏي اچي پئي ته ڪارڪن ان تي حملو ڪري رهيا هئا.جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن ۾ ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.جڏهن صورتحال انتهائي  ڳنڀير ٿي وئي ته حڪومت پاران وڳوڙين کي سڌي گولي هلائڻ جا اعلان ڪيا ۽ کين منتشر رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون پر شرپسند نه مڙيا سرڪار مجبور ٿي رات جو دير سان ڊي چوڪ جون بتيون بند ڪيون ۽ ڪنٽينر کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. پوليس ۽ رينجرز گڏيل آپريشن ڪري جناح ايونيو ۽ بليو ايريا پي ٽي آءِ مظاهرين کان خالي ڪرائي ڇڏيو، پي ٽي آئي جا ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪياويا،شديد شيلنگ سبب مظاهرين گاڏيون ڇڏي فرار ٿي ويا، جڏهن ته علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي هڪ ئي گاڏي ۾ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، اسلام آباد پوليس جو اسڪواڊ وومين پوليس سميت بشريٰ بي بي جي گاڏي جو پيڇو ڪيو ،پر بشريٰ بي بي جي گاڏي هري پور رستي خيبرپختونخواهه ۾ داخل ٿي وئي۔

جڏهن ته تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو ته منهنجو پنهنجي ٽيم کي پيغام آهي ته آخري بال تائين وڙهنداسين، جيستائين مطالبا پورا نه ٿيندا پوئتي نه هٽنداسين. عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريان ٿو ، جيڪي پنهنجي حقن لاءِ ميدان ۾ بيٺا آهن، ۽ ملڪ تي مڙهيل مافيا سامهون پنهنجي مطالبن ۽ حقيقي آزادي لاءِ مقابلو ڪري رهيا آهن.هاڻي سوال اهو آهي ته تازي ڇڪتاڻ ۾ جيڪي بيگناهه ماڻهو مارجي ويا انهن جو ڪيس ڪنهن تي داخل ڪجي ڇوته ان سڄي شرپسندي جي عمران خان آهي جڏهن ته ڪرائي تي ماڻهو وٺي اچڻ وارا بشريٰ بيبي ۽ امين گنڊاپوري آهي جن رت جي راند کيڏڻ لاءِ بيگناهه ماڻهن کي اڳيان ڪري پاڻ پويان پير ڪري ويا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.