آئيني درخواست ٻڌڻ جو اختيار اسان وٽ ناهي، هاڻ اسان جا هٿ بند آهن: جسٽس ظفر

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي جسٽس ظفر راجپوت تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ايم 9 موٽر وي تي پهچ ۽ سهولتن جي فراهمي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .عدالت دائرا  اختيار جي ٻڌڻي 4 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .ٻڌڻي دوران جسٽس ظفر راجپوت چيو ته آئيني درخواست ٻڌڻ جو اختيار اسان جو  ڪالهه تائين هو .اڄ اسان جا هٿ بند آهن.عدالت چيو ته جڊيشل ڪميشن سمورن ججن کي گذريل ڏينهن  تائين ڪيس ٻڌڻ جي اجازت ڏني هئي .وڪيل بئريسٽر عمر سومرو چيو ته وڪيل درخواستگذار فاروق ايڇ نائيڪ کي گذريل ٻڌڻي تي عدالت پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي هئي .ڊاڪٽر فاروق ايڇ نائيڪ اڄ به عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جسٽس ظفر راجپوت چيو ته اسان تاريخ ڏيون ٿا، ڏسون ته آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري ٿي يا ڪو ٻيو. درخواستگذار عدالت جو حڪم لکڻ دوران ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي عدالت پاران درخواستگذار تي سخت ڪاوڙ جو اظهارڪندي چيو ته هي ڪهڙي بدتميزي آهي؟ درخواستگذار چيو ته منع نامي جي حڪم جي باوجود ڪم جاري آهي، جيڪڏهن منع  نامي واري حڪم جي باوجود ڪم جاري رهيو ته توهين عدالت جي درخواست داخل ڪيو.

  1. ارڙهين آئيني ترميم تي نظرثاني جي ضرورت آهي: ناڻي وارو وزير 

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب اعتراف ڪيو آهي ته ارڙهين آئيني ترميم، سپريم ڪورٽ جي فيصلن ۽ بين الاقوامي بهترين طريقن جي پس منظر ۾ اي جي پي ايڪٽ تي نظرثاني جي ضرورت آهي، اي جي پي جي آئيني ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ صوبائي سطح تي ڊي جي رسيد آڊٽ آفيسون قائم ڪيون وينديون، آڊيٽر جنرل آف پاڪستان اسلام آباد آفيس جي دوري دوران هن اي جي پي جي آئيني ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ صوبائي سطح تي ڊي جي رسيد آڊٽ آفيسن جي قيام لاءِ پنهنجي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو، ان موقعي تي آڊيٽر جنرل محمد سليم خان پنهنجي مينڊيٽ ۽ دائري، اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهين، اندروني گورننس ۽ سالميت جي ميڪنزم ۽ اثرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، ناڻي واري وزير آڊيٽر جنرل جي ڊپارٽمينٽ پاران ڪيل پيشي وراڻي ڪم کي ساراهيندي ڊپارٽمينٽ اڪائونٽس ڪميٽي ماڊل ۾ سڌارن تي زور ڏنو، ٻئي طرف هڪ بيان ۾ محمد اورنگزيب چيو آهي ته مخالف ڌر جي احتجاج سبب روزانو 190 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، جي ڊي پي کي روزانو 144 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، هن چيو ته آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبي ۾ نقصان ان کان سواءِ آهي، ايڪسپورٽ ۾ گهٽتائي سبب روزانو 26 ارب جو نقصان ٿي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.