ڪراچي(رپورٽر )سنڌ جو ورڪس اينڊ سروسز کاتو 7013.455 ملين روپين جو 4 سالن جو آڊٽ رڪارڊ پي اي سي کي فراهم نه ڪري سگهيو آهي جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو اربين روپين جو آڊٽرڪارڊ فراهم نه ٿيڻ تي ناراضگي ڪندي کاتي جي آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. پي اي سي اجلاس ۾ سنڌ جي خزاني کاتي پاران ساليانو ضلعي اي ڊي پي جي مد ۾ رقم ورڪس اينڊ سروسز کاتي بدران سڌو سنئون ڊپٽي ڪمشنرن کي فراهم ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي سيڪريٽري ضلعي اي ڊي پي جون رقمون سڌو سنئون ڊپٽي ڪمشنرن کي فراهم ٿيڻ سبب ضلعي اي ڊي پي جو رڪارڊ ڏيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، سيڪريٽري محمد علي کوسو پي اي سي کي ٻڌايو ته آڊٽ رڪارڊ فراهمي جي ذميواري لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن جي ئي آهي. چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو کاتي جي سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا کاتي جو سيڪريٽري ضلعي اي ڊي پي جي استعمال بابت لاڳاپيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ چيف انجنيئرن کان رپورٽ طلب ڪندو آهي يا نه؟ جنهن تي کاتي جي سيڪريٽري کيس ٻڌايو ته ضلعن ۾ آفيسر ورڪس اينڊ سروسز کاتي جا ضرور آهن پر ضلعي اي ڊي پي جون اسڪيمون ڊپٽي ڪمشنر منظور ڪندا آهن ان لاءِ انهن فنڊز جي استعمال بابت جوابده لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن ئي آهن نثار کهڙو ورڪس اينڊ سروسز کاتي کي آڊٽ پيرائن جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ لاءِ 15 ڊسمبر تائين مهلت ڏيندي ايندڙ اجلاس ۾ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن کي پڻ طلب ڪري ورتو آهي.