اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي جاڙن شهرن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تدريسي عمل معطل رهندو. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جا سمورا نجي تعليمي ادارا بند رهندا. اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال سبب تعليمي ادارا بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. راولپنڊي ۾ به ضلعي انتظاميا سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو فيصلو ڪيو.
-
رستا بند هجڻ سبب نواز شريف هيلي ڪاپٽر ذريعي مري پهتو
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) مسلم ليگ ن جو صدر ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف هيلي ڪاپٽر ذريعي مري پهچي ويو.نواز شريف روڊ بند هجڻ سبب هيلي ڪاپٽر ذريعي اسلام آباد کان گهڙيال هيلي پيڊ پهتو. مسلم ليگ ن جو صدر گهڙيال هيلي پيڊ تان ڪشمير پوائنٽ تي پنهنجي رهائشگاهه پهچي ويو ، پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز جي به اڄ مري وڃڻ جو امڪان آهي.