نيوسعيدآباد(رپورٽ: مشتاق راهو) نيوسعيدآباد ڀرسان بکر جمالي ۾ مبينا طور ڪارنهن الزام مڙهي پنهنجي زال کي قتل ڪندڙ مڙس امداد جمالي کي نيوسعيدآباد پوليس گرفتار ڪري ورتو.جوابدار پاران ڏوهه جو اعتراف ڪيو ويو آهي، جوابدار اعتراف ڪندي چيو ته سندس زال افشان فون تي هڪ شخص سان ڳالهائيندي هئي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو، جڏهن ته ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود قتل ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. ناري جي پيءُ حاجي محمد جمالي ڪارنهن جا الزام رد ڪندي چيو آهي ته منهنجي ڌيءَ دبئي مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڪميشن پاس ڪري تعليم کاتي ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ سنڌي جو عهدو ماڻي جمالي برادري جو نالو روشن ڪيو. هن جو چوڻ هو ته منهنجي ڌيءَ افشان رابعه جمالي کي ملڪيت ڦٻائڻ جي لالچ ۾ اچي سندس مڙس بيدردي سان قتل ڪيو آهي، هن چيو ته ڌيءَ ۽ ان جي اولاد جو سمورو خرچ آئون ڀريندو هئس، پر ان جي باوجود سندس مڙس امداد جمالي کيس مارڪٽ ڪندو رهندو هو، ھوڏانھن ناري جي قتل جي سوڳ ۾ بکرجمالي جي هاءِ اسڪول تدريسي عمل بند رهيو اسڪول جي استادن، شاگردياڻين، شاگردن سوڳ ڪندي تدريسي عمل بند ڪيو. جنازي نماز ڳوٺ بکرجمالي ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.