آءِ ايم ايف جي مطالبي تي پيٽرول 45 رپيا في ليٽر وڌڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) پيٽرول، هاءِ اسپيڊ ڊيزل، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي. اها صورتحال آءِ ايم ايف طرفان پاسڪتان کان تيل اگهن تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس هڻن جي مطالبي کانپوءِ پيدا ٿي سگهي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ اگهه 45 رپيا في ليٽر تائين وڌي ويندا. آءِ ايم ايف پاڪستان جي تيل اگهن تي هڪ يا ٻه سيڪڙو سيلز ٽيڪس هڻڻ جي تجويز رند ڪندي 18 سيڪڙو کان وڌيڪ شرح اوڳاڙڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. حڪومت هن وقت ان مطالبي تي عمل کان لنوائي رهي آهي. آءِ ايم ايف جي  ان موقف برائون فيلڊ ريفائنري پاليسي 2023 تحت 5-6 بلين ڊالر جي اپ گريڊ منصوبن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف خوراڪ جهڙين ضروري شين تي به 15 سيڪڙو سيلز ٽيڪس هڻڻ جي تجويز ڏني، وفاقي حڪومت ان موضوع تي ڌيان ناهي ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.