بشريٰ بي بي سعودي خلاف ڳالھائي ماڻھن جي مذھبي جذبن سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي

لاھور ( عمران شفقت ) بشريٰ بي بي جي تازي بيان  سان ھلچل مچي وئي آھي ۽ ھن پنھنجي تازي بيان ۾ پنھنجي ۽ عمران  خلاف وٺ پڪڙ کي سعودي عرب سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئ آھي جيتوڻيڪ جڏھن کان بادشاھت قائم ٿي آھي تڏھن کان سعودي عرب ۾ حڪومت آل سعود ھلائي ٿو جڏھن تھ مذھبي معاملن کي ٻي ڌر ڏسي ٿي . محمد بن سلمان تيل تي انحصار گھٽ ڪرڻ لاءِ ملڪ اندر تبديلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ اھا بھ يقيني طور تي اتان جي مذھبي  ڌرين جي مرضي سان ٿئي پئي ۽ دنيا جي سيڙپڪاري ٿي رھي. سو لوھ گرم ڏسي بشريٰء بي بي چوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي  ۽ اھو ظاھر ڪرڻ گھريو آھي تھ دنيا ۾ عمران خان ئي مذھبي ليڊر آھي  اھو پيرين اگھاڙو سعودي عرب عمري تي ويو ھيو . ان وقت جڏھن خان صاحب ويو ھيو ۽ اھو منظر ڏيکاريو پئي ويو تھ مون ۽ ھڪ اينڪر پرسن چيو ھيو تھ  عمران خان جو اھو سودو وڪامجي ويندو ڇو جو پاڪستان ۾ مذھبي بنياد تي ماڻھن کي  اڪسائڻ سولو آھي. سو ھاڻي بشريٰ بي بي چوي ٿي تھ عمران خان جي دوري دوران باوجوا کي ھنن فون ڪري شڪايت ڪئي. ھاڻي ھي جيڪي فراڊ آھن سي ٻڌائين خاص ڪري بشريٰ بي بي تھ مسجد نبوي ۾ جيڪو ھنن گوڙ ڪرايو ھيو ڪوئي عاشق رسول اھو سوچي سگھي ٿو؟ سو ھاڻي اتي جيڪو ٿئي پئي ان تي پاڪستاني ڪثريت جا تاثرات بھتر ناھن  ڇو تھ اسان جي اٽيچمنٽ خلافت سان  حجاز سان تمام گھنيجذباتي قسم جي آھي.سو بشريٰء بي بي ماڻھن جي جذبات کي ڀڙڪائڻ  جي لاءِ ان کي سعودي سان لنڪ ڪيو آھي سو ھن مھ ل تائين تھ عمران ان جي نھ اسٽبلشمنٽ جي طرفان ٻڌي پئي وڃي نھ وري  پنجاب ئي ھن جي ڪال تي ڪو ڪن ڏئي پيو. باجوا بھ ان ڳالھ جي ترديد ڪئي آھي باقي محمد بن سلمان ٻڻ موقعن تي عمران لاءِ چيو ھيو تھ ھي ڪھڙو ھمراھ  کڻي آيا آھيو ھڪ جڏھن محمد بن سلمان کيس ملاقات لاءِ انتطار پئي ڪرايو تھ ھوٽل ۾ ويھي ھن پنجابي ۾ کيس گاريون ڏنيون ھيون  ان تي باجوا کي فون ڪال آئي ھئي تھ ھي ڪھڙو ماڻھو توھان آندو آھي جيڪو گار گند ٿو ڪري. ٻئي ڀيري جھاز  واري واقعي دوران  جھاز ۾ ويھي چوندو رھيو تھ ھنن جو حشر تھ قذافي جھڙو ٿيندو . سو ھڻي اھو تاثر پيدا ڪيو پُي تھ ھي پاڪستان ۾ شريعت آڻڻ پيو گھري تڏھن سعودي جي چوڻ تي کيس جيل ۾ بند ڪيو ويوآھي. گزريل ڏينھن جڏھن خواجھ آصف کان پڇيو ويو تھ سعودي عرب بھ ڪو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آھي ت ھن چيو تھ اھي ڳالھيون ھو ائين ناھن رکندا  بس نلڪيون بند ڪري ڇڏيندا آھن . ٻھ طرفا لاڳاپا ڏي ڪجھ وٺ جي بنياد تي ھلندا آھن. بشريٰ بي بي جي بيان کان پُءِ يڪو نقصان ٿيڻو ھوندو ان کي ڪنٽرول ڪري سگجھي ٿو پر جيڪو ڳالھين جو معاملو ھيو ان ۾ ھڪ وڌيڪ رنڊڪ بشريٰ بي بي پيدا ڪري ڇڏي آھي. سسٽم ۾ موجود ھڪ سرڪاري آفيسر  ھيو جيڪو ڳالھين جي لاءِ کين لالي پاپ ڏنو آھي باقي ڳالھين جو ڪو بھ سلسلو ناھي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 23 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.