اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي 24 نومبر واري اعلانيل احتجاج ۽ لانگ مارچ کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي ۽ پنجاب حڪومت حڪمت عملي تيار ڪري ورتي، اسلام آباد کي 24 هنڌن کي بند ڪيو ويندو، اسلام آباد جا سمورا بس اسٽينڊ بند ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ نيشنل هاءِ ويز ۽ موٽر ويز کي اڄ تائين بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، اين ايڇ ايم پي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پشاور کان اسلام آباد ۽ لاهور کان اسلام آباد موٽر ويز اڄ رات 1 وڳي کان بند ڪئي ويندي، پشاور کان اسلام آباد ايم 1، اسلام آباد کان لاهور ايم 2، لاهور کان عبدالحڪيم ايم 3، پنڊي ڀٽيان کان ملتان ايم 4، سيالڪوٽ کان لاهور ايم 11 ۽ ڊي آءِ خان کان اسلام آباد ايم 14 بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، 6 موٽر ويز کي اڄ رات کان بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 23 ۽ 24 نومبر تي لاهور رنگ روڊ کي به بند ڪيو ويو، هوڏانهن اسلام آباد ۾ سمورين اربن ٽرانسپورٽ کي بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، ان کان سواءِ گرين لائن، بليو لائن، اورنج لائن سروس به بند ڪئي وئي آهي، اسلام آباد ٽرانسپورٽ اٿارٽي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سمورن بس اسٽيشنن کي قناطون هڻي بند ڪيو ويندو، عمل نه ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻي پاسي اسلام آباد جي سمورين هاسٽلن کي به بند ڪيو ويو آهي، انتظاميا جي اوچتي فيصلي تي شاگرد سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا، پمز انتظاميا اسپتال کي هاءِ الرٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ملازمن جون موڪلون به رد ڪيون ويون آهن، پنجاب حڪومت صوبي ۾ 3 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو 23 نومبر کان 25 نومبر تائين لاڳو هوندو، صوبي ۾ 3 ڏينهن لاءِ هر قسم جي احتجاج، جلسن، جلوسن، ريلين، ڌرڻن ۽ عوامي گڏجاڻين سميت ٻين سمورن سياسي سرگرمين تي پابندي لڳائي وئي آهي.
اسلام آباد(م ڊ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسان قانون جا پابند آهيون، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم سڀني پڙهيو آهي، اسلام آباد ۾ ڪنهن کي به جلسو، جلوس يا ڌرڻو هڻڻ نه ڏنو ويندو، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي 100 سيڪڙو عمل ڪيو ويندو، احتجاج کي روڪڻ جي ڪوشش دوران جاني نقصان جو ذميوار ڪير آهي؟ جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ۾ جيڪي به اچي رهيا آهن اهي ذميوار هوندا.هڪ سوال تي هن چيو ته دڪان بند نه ٿيڻ گهرجن، ڪاروبار بند نه ٿيڻ گهرجي، روڊ بند نه ٿيڻ گهرجن ۽ موبائل فون سروس به بند نه ٿيڻ گهرجي، پر ٻڌايو ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ پارا چنار واقعي بابت هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي ذميواري صوبائي حڪومت جي آهي، ان باوجود صوبائي حڪومت حملا ڪري رهي آهي ڪالهه دهشتگردي کي نظر ۾ رکندي ايف سي جون 15 پلاٽون گهربل هيون. ”جيتوڻيڪ اسلام آباد ۾ به اسان کي ايف سي جي ضرورت هئي، پر اسان هتي روڪي ڇڏيو آهي ۽ اتي اهلڪار موڪليا آهن.هن چيو ته صوبائي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ اسان جو فرض آهي پر صوبائي حڪومت کان اهو به پڇيو وڃي ته سندن ڌيان اتي دهشتگردي جي خاتمي تي آهي يا هتي حملن جي تياري ڪئي پئي وڃي؟ هن چيو ته وفاقي حڪومت جو ڪم رڳو سهڪار فراهم ڪرڻ آهي، 18هين ترميم کانپوءِ امن امان اسان جي ذميواري ناهي، هو جيڪو مطالبو ڪندا ان کي پورو ڪندا آهيون پر امن امان جي پهرين ذميواري صوبائي حڪومت جي آهي، گهرو وزير چيو ته 40 جنازن کانپوءِ اتي ويٺل ماڻهو پاڻ ئي سوچڻ گهرجي ته سندن پهرين ترجيح ڪهڙي آهي، قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.