اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي آرمي چيف جنرل ريٽائرڊ قمر جاويد باجوا تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي زال بشريٰ بي بي جي دعويٰ تي رد عمل ظاهر ڪيو. هن بشريٰ بي بي جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته سعودي عرب پاڪستان جو دوست ۽ محسن آهي، سعودي عرب هر دور ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي، سعودي عرب پي ٽي آءِ باني جي حڪومت جو به خيال رکيو ۽ مدد ڪئي. هن چيو ته بشريٰ بي بي جو غير ذميواراڻو بيان بي بنياد آهي، سياسي مفادن لاءِ بي بنياد الزام هڻي قومي مفادن کي نقصان نه پهچائڻ گهرجي.