دھشتگردي وسيلي پاڪستان کي ڊس فنڪنشل ڪرڻ جا خطرا

لنڊن (نجم سيٺي) سينئر تجزيي نگار نجم سيٺي چيو آھي تھ دھشتگردن خلاف ڪا بھ مھم ڪونھ پئي ھلي، عمران خان جي دور ۾ جنرل فيض پاليسي ناڪام ٿي وئي آھي جنھن دوران طالبان کي پاڪستان ۾ آڻدو ويو ھاڻي انھن پنھنجا محفوظ ٺڪاڻا ٺاھي ورتا آھن  ۽ ڪارروايون ڪري رھيا آحن. آخري ميٽنگ ۾ جيڪا اسٽيٽمينٽ آئي آھي تھ اھا بھ اھا آھي تھ بلوچ ويڙھاڪن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي بلوچ ويڙھاڪن جا ٺڪاڻا افغانستان ۾ آھن ، ۽ افغانستان ۾  حملا ڪرڻ ٻاراڻي ڳالھ ناھي، ھاڻي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ڳالھ آھي تھ چائنا سان مسئلو آھي ۽ انھن احتجاج ڪيو آھي تھ اسان جي ماڻھن کي سيڪيورٽي نھ پئي ڏني وڇي ۽ چين جي صدر مٿان ملڪ اندر پريشر وڌي رھيو آھي جيڪو عالمي ميڊيا ۾ رپورٽ ٿي رھيوآھي دنيا ۾ ڪٿي بھ چيني ورڪرن مٿان حملا نھ پيا ٿين سواءِ پاڪستان جي.چين جا پاڪستان اندر مفاد آھن جن ۾ سي پيڪ روٽ آھي  ۽ ٻيو ھنن پاڪستان اندر سيڙپڪاري ڪئي تھ جئين پاڪستان بھ ان فائدي ۾ شامل ٿئي  چين پنھنجا دستا آڻڻ جي ڳالھھ ڪري ٿو پاڪستان چئي ٿو تھ نھ اسان تحفظ ڏينداسين ، ھاڻي ٻھ ڳالھيون آھن يا تھ انھن جي سيڪيورٽي لاءِ فوج لڳائي وڃي يا وري جيڪي حملي آور آھن انھن خدلاف سخت ڪارروائي ٿئي بلوچن ۽  طالبان پٺيان انڊيا آھي ۽ اسان ان سان ڳالھين لاءِ تيار ناھيون ھاڻي بھ آرمي چيف انھن کي کڙڪايو آحي.اھو تمام سنجيدھ معاملو آھي جيڪڏھن ان تي اسان جي اسٽبلشمنٽ نھ سوچيو تھ مسئلو ٿيندو، عالمي تناظر ۾ ڊونلڊ ٽرمپ آھي جنھن جي اڳيان سڀ کان اھم مسئلو چائنا کي محدود ڪرڻ وارو آھي ھڪ تھ ان تي آمريڪا اندر ٽيڪس مڙھيندو ٻيو آھي روڊ اينڊ بيلٽ جنھن تي ان کي سوڙھو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. ھاڻي پاڪستان فنڪشنل اسٽيٽ ٿيو تھ چين کي رستو ملي ويندو جيڪو ان جو  مقصد بھ آھي اگر رياست ، سياست  معيشت ڊس فنڪشنل ٿي وڃن ٿا تھ پوءِ اھو ممڪن نھ رھندو. ڊس فنڪشنلٽي ٽن ڳالھين تي ٿي سگھي ٿي پوليڪٽيڪل سسٽم ڊھي پٽ پوي، ٻيو معيشت گوڏا نھ کوڙي وجھي، ٽيون ٽيررزم سان پاڪستاني فوج کي ڦاسايو وڇي.چيني ان ڳالھ تي سخت پريشان آھن. اسان کي سيڪيورتي تي ڪا ڳڻتي ناھي. ھاڻي ڊس فنڪشنلٽي ڪٿان آئي آھي ان تي ٻڌايان تھ رشيا  ۽ يوڪرين جنگ جاري آھي جتي يورپ ۽ آمريڪا چاھي ٿو ان سرحد تي نيٽو پھچي وڃي رشيا جي پاليسي آھي تھ چاليھ سيڪڙو يوڪرين تي قبضو ڪري باقي کي رھڻ ڏجي ۽ ڊس فنڪشنل ڪري ڇڏجي. سو رشيا يوڪرين کي ۽ آمريڪا پاڪستان کي ڊس فنڪشنل بڻائڻ جي پويان آھن دوستي اسان جي نھ ايران سان نھ افعانستان سان بلڪ افغانستان بھ پنھنجي حرڪتن سبب دشمن بڻجي رھيو آھي. اگر خان سمجھي  حڪومت سمجھي اسٽبلشمنٽ سمجھي تھ ڳالھيون ٿي ملڪ کي بھتري طرف وٺي وڃي سگھن ٿا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 23 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.