مهانگائي وڌي وئي، هفتي ۾ 17 شيون مهانگيون ۽ 11 سستيون

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ گذريل هفتي مهانگائي جي شرح ۾ 0.67 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته مهانگائي جي شرح  پڻ 4.16 سيڪڙو کان وڌي 4.92 سيڪڙو ٿي وئي آهي، گذريل هفتي ۾ 17 شيون مهانگيون ۽ 11 شيون سستيون ٿيون جڏهن ته 23 شين جون قيمتون مستحڪم رهيون.وفاقي شماريات بيورو طرفان جمعي ڏينهن مهانگائي جي هفتيوار رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل هفتي دوران ملڪ ۾ مهانگائي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر اهي طبقا ٿيا جن جي هر مهيني 44 هزار 176 روپين کان وڌيڪ آمدني آهي، گذريل هفتي ۾ پٽاٽن جي اگهه ۾ 3.81 سيڪڙو، بيدن جي اگهه ۾ 3.16 سيڪڙو، ٽماٽن جي قيمت ۾ 20.72 سيڪڙو، ليڊيز سينڊل جي اگهن ۾ 55.62 سيڪڙو، سرنهن جي تيل جي اگهن ۾ 1.28 سيڪڙو، ٿوم جي اگهه ۾ 3.42 سيڪڙو اضافو ٿيو. بصرن ۾ 0.98 سيڪڙو ۽ گيهه ۾ 2.30 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.کنڊ جي قيمت ۾ 0.27 سيڪڙو، دال جي قيمت ۾ 1.70 سيڪڙو، دال ماس جي قيمت ۾ 0.23 سيڪڙو، دال جي قيمت ۾ 0.62 سيڪڙو، مرغي جي قيمت ۾ 2.97 سيڪڙو، ايل پي جي جي قيمت ۾ 0.80 سيڪڙو، آري سيڪس نائن جي قيمت ۾ 0.2 سيڪڙو ۽ اٽي جي قيمتن ۾ 0.25 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.