ڪرم ۾ فائرنگ واقعي ۾ مارجي ويلن جو انگ 44 ٿي ويو

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي قبائلي ضلعي ۾ مسافر گاڏين تي اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 44 ٿي ويو جڏهن ته 28 کان مٿي زخمي آهن. مارجي ويلن ۾ 7 عورتون ۽ 9 ٻار به شامل آهن. مارجي ويلن جا مڙهه پاراچنار پهچايا ويا جتي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. ڪرم ضلعي ۾ گذريل ڏينهن پارا چنار کان پشاور ويندڙ گاڏين جي قافلي تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني هئي. اسپتال ذريعن موجب قافلي ۾ شامل گاڏين ۾ سوار 42 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا جڏهن ته مختلف علائقن ۾ وڌيڪ ٻن ڄڻن دم ڏنو. ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله محسود چيو ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، عوام جي جان ۽ مال سان کيڏندڙ عنصر سزا کان بچي نٿا سگهن. حالتون معمول تي اچڻ کانپوءِ گرينڊ جرڳو گهرايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.