حيدرآباد/ٽنڊو محمد خان( پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو پارا چنار ۾ ٿيل دھشتگردي واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آھي تـ رياست جڏھن مذھب جي من پسند تشريح ڪري ان جو حقيقي چھرو بگاڙي ڇڏيو تڏھن مذھب جي نالي تي انسانن جو بيگناھ رت وھايو پيو وڃي، گھٽي گھٽي ۾ فرقيواريت جي باھ ٻري رھي آھي، روشن خيالي، سيڪيولرازم ۽ جدت جا رستا روڪي ھتي تنگ نظر ۽ جھالت تي ٻڌل مذھبي نڪتـ نظر کي ھٿي وٺرائي پئي وڃي، حالت ھي آھي تـ ھڪ طرف امرڪوٽ ۾ مذھبي جنوني ڊاڪٽر شاھنواز کي بيرحماڻي نموني قتل ڪري سندس لاش ساڙين ٿا ٻئي طرف پارا چنار ۾ پنھجي ئي ھم مذھب ماڻھن کي گوليون ھڻي ماريو پيو وڃي انتھاپسندي جو جن ھاڻ بوتل ۾ وڃڻ لاء تيار ناھي. رياض علي چانڊيو چيو ته رياست کي مذھب سان گڏائي ھلڻ جو نتيجو آھي تـ اڄ جھادي ٽولا ھڪ دفعو وري دين جي ھٿ ٺوڪي تشريح کڻي نڪري پيا آھن پوري ملڪ ۾ رت جي ھولي کيڏي پئي وڃي ان جو مثال پارا چنار جو سانحو آھي. حيرت جھڙي ڳالھ اھا آھي تـ اھڙو درد ناڪ واقعو سيڪيورٽي ادارن جي موجودگي ۾ ٿيو آھي اسين اھڙي کليل دھشتگردي جي مذمت ڪندي گھر ڪريون ٿا ته معصوم شھرين جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن گڏوگڏ مذھب جي آڙ ۾ وحشت ڦھلائيندڙ ٽولن تي بندش ھڻي دردندگي جا مرڪز سيل ڪيا وڃن. ھوڏانھن جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي 24 نومبر تي ٽنڊي محمد خان ۾ جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي طرفان اعلانيل احتجاجي مارچ جي سلسلي ۾ شاهه ڪريم آبادگار شگر مل ڪپور موري ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪري عوام کي احتجاج ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي.