ڪراچي(م ڊ) پارا چنار سانحي خلاف سڄي ملڪ ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ايم ڊبليو ايم پاران ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون ويون، کارادر ۾ عشري مسجد ۽ نارٿ ناظم آباد نور ايمان مسجد ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ايم ڊبليو ايم جي اڳواڻ علامه باقر عباس زيدي چيو آهي ته بيگناهه ماڻهن جو وحشياڻو قتل قومي سانحو آهي، گم ٿيل مسافرن کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي، هن مطالبو ڪيو ته ڪرم ايجنسي سميت سڄي صوبي ۾ آپريشن شروع ڪيو وڃي، پاراچنار ڏانهن ويندڙ رستن تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن.